نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ پهچي ويو. دفاع وارو وفاق?? و??ير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاق?? و??ير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ پيشيواراڻ?? و??رو وفاق?? و??ير خالد مقبول صديقي ۽ خاص معاون طارق فاطم?? و??يراعظم سان گڏ دوري ۾ شريڪ آهن. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو. ان سان گڏوگڏ وزيراعظم پائيدار ترقي جي هدفن بابت ايس ڊي جيز موومينٽ 2024ع، سلامتي ڪائونسل جي ليڊرشپ فار پيس جي عنوان سان هاءِ ليول اوپن ڊبيٽ ۽ وڌندڙ سطح سمن?? سان امڪاني خطرن تي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت ۽ ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزيراعظم نيويارڪ ۾ آمريڪا – پاڪستان بزنس ڪائونسل ۽ پاڪستاني بينڪرز ??ان ملاقات پڻ ڪندو ۽ انهن کي حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين کان آگاهه ڪندو. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس، جنرل اسيمبلي جي صدر فيليمون يانگ، ي??رپيئن ڪميشن جي صدر ارسلا وون ڊرليئن سان ملاقاتن سان گڏوگڏ گيٽس فائونڊيشن جي باني بل گيٽس، عالمي بئنڪ جي صدر اجي بانگا ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان پڻ ملاقات ڪندو. وزيراعظم فلسطين جي صدر محمود عباس سان خصوصي ملاقات ڪندو جنهن ۾ فلسطين ۾ جاري صيهوني ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪڻ ۽ عالمي برادري کي ان ڏس ۾ قدمن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ راضي ڪرڻ جي حوال?? سان مشاورت ٿيندي. وزيراعظم دوست ملڪن جي سربراهن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو، برونائي دارالسلام جي سلطان حسن البلقيه پاران برونائي جي گڏيل قومن ۾ ميمبرشپ جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي ڏنل مانجهاندي ۽ بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس پاران بنگلاديش جي گڏيل قومن جي ميمبرشپ جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم پنهنجي آمريڪا جي دوري ۾ عالمي اڳواڻن آڏو موسمياتي تبديلي جي خطري ۾ ورتل ملڪن جي مسئلن، خطي ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي قربانين، عالمي معاشي نظام ۽ مقروض ملڪن جي مسئلن، ڪشمير ۾ ڀارتي غيرقانوني قبضي ۽ ظلم ۽ ڏاڍ ۽ اسرائيل پاران معصوم فلسطينين جي جاري نسل ڪشيءَ جي حوال?? سان آواز اٿاريندو.