نيويارڪ -28 سيپٽمبر (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وز??ر خواجه محمد آصف ڪشمير، فلسطين ۽ دهشتگردي جي مسئلن کي عالمي فورم تي کڻڻ تي وز??راعظم جي تعريف ڪئي آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته وز??راعظم شهباز شريف عالمي اڳواڻن کي دهشتگردي جي معاملي تي پا??سا?? سان افغانستان جي وڌندڙ مسئلن کان به آگاهه ڪيو. هن چيو ته اسان پاڪستان جي مختلف حصن ۾ رهندڙ لکين مهاجرن کي بي مثال مدد فراهم ڪئي آهي. هن چيو ته غير رجسٽرڊ افغان رهواسين کي پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ گهرجي. هن چيو ته افغان سر زمين پاڪستاني علائقن ۾ حملن ۽ دهشتگردي پکيڙڻ لاءِ استعمال ٿي رهي آهي. هن چيو ته ڪيترائي حساس مسئلا آهن جن کي گڏيل قومن جي فورم ذريعي حل ڪرڻ گهرجي. وفاقي وز??ر چيو ته گڏيل قومون ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير تي پنهنجي ٺهرائن تي عمل ڪري ٽيڪس جي ڪمزور نظام جي حوالي سان هن چيو ته دڪاندارن ۽ زرعي شعبي کي مناسب طريقي سان ٽيڪس ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان آءِ ايم ايف پروگرام کي صحيح طريقي سان ختم ڪري سگهون. عدالتي سڌارن ۽ آئيني ترميم بابت سوال ج?? جواب ۾ هن چيو ته پارليامينٽ قانون سازي ۽ ترميمن جو سڀني کان وڏو ادارو آهي. هن چيو ته عوام کي جلدي انصاف جي فراهمي لاءِ قانوني سڌارا اڻٽر آهن.