اسلام آباد- 20 آگسٽ (اي پي پي) گه??و معاملن واري وفاقي وزير م??سن نقوي، شهيد پائليٽ آفيسر راشد منهاس (نشان حيدر) جي 53 هين شهادت جي ??هاڙي تي ملڪ لاءِ شهيد پائليٽ جي لازوال قرباني کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. هن چ??و ته شهيد پائليٽ آفيسر راشد منهاس جي عظيم قرباني وطن سان اڻ مٽ محبت، بي مثال جرئت ۽ لازوال عزم جو نه وسارڻ جوڳو مثال آهي. راشد منهاس جي عظيم قرباني تي سڄي قوم اڄ به فخر ڪري ٿي. شهيد راشد منهاس ملڪي دفاع لاءِ پختي عزم ۽ غير معمولي بهادري جو مظاهرو ڪيو. م??سن نقوي چيو ته شهيد راشد منهاس جي وطن سان محبت جي لازوال قرباني کي قوم هميشه ياد رکندي. هن چ??و ته شهيد پائليٽ آفيسر راشد منهاس قوم جو هيرو آهي، جيڪو سدائين اسان جي دلين ۾ زنده رهندو.