اسلام آباد – 8 آگسٽ (اي پي پي ) قومي اسيمب??ي جي اس??يڪ?? سردار اياز صادق ميجر طفيل محمد شهيد (نشان حيدر ) کي 66هين شهادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته بنا ڪنهن شڪ جي شهيدن جي ڏنل قربانين عيوض اڄ اسان ??تي کليل هوائن ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. خميس ڏينهن قومي اسيمب??ي جي سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بيان ??طابق ميجر طفيل محمد شهيد جي 66 هين شهادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اس??يڪ?? چيو ته ميجر طفيل 1958ع ۾ لڪشمي پور ۾ دشمنن خلاف بهادري سان ??ڙهندي حياتي جو نظرانو پيش ڪيو. سندس بي مثال شجاعت جي اعتراف ۾ کيس ملڪ جي اعلى ترين عسڪري اعزاز نشان حيدر سان ??وازيو ويو. سڄي قوم ميجر طفيل محمد جي 66هين شهادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي کيس سلام پيش ڪري ٿي. قوم کي پنهنجي بهادر سپوتن تي فخر آهي. هن چيو ته پ??ڪ فوج جي پنهنجي ملڪ لاءِ ڏنل قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. شهيدن جون قربانيون اتحاد، اخوت ۽ ڀائيچاري جو سبق ڏين ٿيون. اس??يڪ?? الله تعالى کان ??يجر طفيل محمد شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي.