اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي وچ ۾ ون ??ن ون ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هائوس اچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف آذري صدر کي ڀليڪار چوندي چيو ته توهان کي پا??ست??ن ۾ ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، ٻنه?? ملڪن جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ توهان جو پا??ست??ن جو دورو انتهائي خوش آئنده ۽ هڪ اهم سنگ ميل آهي، پا??ست??ن ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ لاڳاپا ڏهاڪن تي ٻڌل آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پا??ست??ن ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ اقتصادي، توانائي، سياحت، ثقافتي، تعليمي، ٽيڪنالاجي، صحت جي سارسنڀال ۽ ماحولياتي تعاون، ٻنه?? ملڪن جي عوام جي پاڻ ۾ رابطن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ حصيداري کي وڌايو ويندو. وزيراعظم باڪو کي 29 هين گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز جي ميزبان?? ملڻ تي آذربائيجان جي صدر کي مبارڪباد ڏني ۽ ان حوالي سان پا??ست??ن جي ڀرپور معاونت جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ ٻطرفن معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. بعد ۾ ٻنهي اڳواڻن جي قيادت ۾ ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح ت?? ملاقات ٿي. بعد ۾ وزيراعظم ۽ آذري صدر ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ تعاون ??ي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. آذري صدر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي حوالي سان پا??ست??ن جي موقف جي ڀرپور تائيد ڪندي چيو ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪشميري ماڻهن جي امنگن موجب آزاداڻي ريفرنڊم ذريعي حل ٿيڻ گهرجي. آذري صدر چيو ته شروعاتي طور تي آذربائيجان پا??ست??ن ۾ مختلف شعبن ۾ 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو. هن چيو ته آذربائيجان اسلام آباد جي رنگ روغن ۽ خوبصورتي ۾ اضافي جي لاءِ تعاون ۾ اضافو ڪندو. ٻنهي طرفن باڪو ۽ پا??ست??ن جي وچ ۾ اڏامن ۾ اضافي تي پڻ اتفاق ڪيو. ان کانسواءِ ٻنه?? ملڪن اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم آذربائيجان ۾ پا??ست??ني چانور جي ڊيوٽي فري برآمد جي فيصلي تي آذربائيجان جي صدر جا خصوصي طور تي ٿورا مڃيا.