اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تا??ڙ تڪبير ڏهاڙي جي 26 هين سالگرهه تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته تڪبير ڏهاڙو تا??يخ جو سنهري ۽ يادگار ڏينهن آهي، ??ن ڏينهن پاڪستان اعلان ڪيو ته ان کي ڪير به غلام نه ٿو بڻائي سگهي، 28 مئي جي موقعي تي 9 مئي وارن هڪ نئين سازش ڪئي، هي 1971ع جي تا??يخ کي مسخ ڪري ملڪ جي سالميت تي حملو ڪرڻ تي لهي آيا آهن، انهن جي سازش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي. تڪبير ڏهاڙي جي موقعي تي پ??هن??ي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 26 سال اڳ پاڪستان مسلمان دنيا جي پهرين جڏهن ته دنيا جي ستين ائٽمي طاقت بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو، ان ڏينهن پاڪستان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو ٿي ويو، تڪبير ڏهاڙو تا??يخ جو سنهري ۽ يادگار ڏينهن آهي، ??ن ڏينهن پاڪستان اعلان ڪيو ته ان کي ڪير به غلام نه ٿو بڻائي سگهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف دنيا تي ثابت ڪيو ته اسان کي نه خريد ڪري سگهجي ٿو، نه جهُڪائي سگهجي ٿو. وفاقي وزير چيو ته ائٽمي پروگرام کي ٺاهڻ، پروا?? چاڙهڻ ۽ ان جو عملي اظهار ڪرڻ وارو هر شخص قوم جو هيرو آهي جنهن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان پ??هن??ي ان وچن کي ورجايون ٿا ته پاڪستان جي آزادي، ??ودمختياري ۽ قومي مفادن تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو. اڄ جي ڏينهن اسان ائٽمي پروگرام جي معمار مرحوم ڊاڪٽر عبدالقدير خان، سندس ٽيم ۽ سمورن سائنسدانن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته 28 مئي جي موقعي تي 9 مئي وارن هڪ نئين سازش ڪئي آهي جيڪا ڪامياب نه ٿيندي، هي 1971ع جي تا??يخ کي مسخ ڪري ملڪ جي سالميت تي حملو ڪرڻ تي لهي آيا آهن. اقتدار کان دوري انهن جا هوش اڏائي ڇڏيا آهن جو ملڪ کي نقصان په??ائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته انشاءَ الله فتح پاڪستان ۽ 28 مئي وارن جي ٿيندي.