اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف سان گهرو معاملن، منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرپرسن ??يد محسن رضا نقوي ملاقات ڪئي ۽ سڄي مل?? ۾ بجلي چوري جي روڪٿام جي حوالي سان فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) کي ڏنل ٽاسڪ جي حوالي سان تفصيلي آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي گهرو و??ير محسن نقوي گهرو و??ارت، منشيات جي خاتمي واري وزارت، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي معاملن، مل??ي سيڪيورٽي ۽ مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گهرو و??ير محسن نقوي وزيراعظم شهباز شريف کي ايف آءِ اي ۽ نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي جي تجويز ڪيل سڌارن ۽ ري اسٽرڪچرنگ پلان تي پڻ بريفنگ ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي چوري جي خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي ڪا نرمي نه ڪئي وڃي.