اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي عملدارن پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هڪ ٻي سياسي ??ار??ي ڄمون ۽ ڪشمير نيشنل فرنٽ کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جي فيصلي جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ان فيصلي کانپوءِ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني قرار ڏني ويندڙ ڪشميري سياسي ??ار??ين جو انگ 9 ٿي ويو آهي جن جي قيادت ۽ ڪا??ڪنن کي پڻ ظلم ۽ ڏاڍ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ترجمان چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير نيشنل فرنٽ جو چيئرمين نعيم احمد خان 2017ع کان ڀارتي جيل ۾ بند آهي. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اها جابراڻا قدم عالمي انساني حقن جي مڪمل خلاف ورز?? ڪندي اختلاف راءِ ۽ اظهار راءِ جي آزادي کي دٻائڻ جي ڀارت جي مڪروهه ارادن جي عڪاسي ڪن ??ا. ترجمان چيو ته ڀارت ڪشميري ??ار??ين تان پابنديون فوري طور تي هٽائي، سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪا??ونسل جي قراردادن تي فوري عملدرآمد ڪري. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪا??ونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.