اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف وزيراعظم رمضان ريليف پئڪيج جي ورڇ جي جائزي جي لاءِ اسلام آباد ۾ م??تل?? يوٽيلٽي اسٽورز جو اوچتو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دوري دوران مستحقين سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کان پئڪيج حاصل ڪرڻ جي حوالي سان درپيش مسئلن بابت پڇيو. وزيراعظم لاڳاپيل ع??لدارن کي هدايت ڪئي ته يقيني بڻ??يو وڃي ته رمضان پئڪيج حاصل ڪرڻ جي لاءِ آيل مستحقين کي ڪنهن به قسم جي مشڪل کي منهن نه ڏيڻو پوي.