اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته رمضان ??لمبارڪ اسان کي الله تعاليٰ جي فرمانبرداري ۽ ان ??ي بندگي ۾ سرشار ٿي هڪ مثالي مسلمان ??ڻجڻ جو سنهري موقعو ڏي ٿو، هي امت جي وچ ۾ همدرديءَ، ايثار، اخوت، ڀائيچاري ۽ تعاون جو پيغام پڻ کڻي اچي ٿو، رمضان ??لمبارڪ جي مبارڪ موقعي تي سرنديءَ وارا ماڻهو وڌي چڙهي زڪوات، صدقا ۽ خيرات ادا ڪن. رمضان ??لمبارڪ 1445هه / 2024ع شروع ٿيڻ تي قوم جي نالي پيغام ۾ صدر چيو ته آئون رمضان ??لمبارڪ جي رحمتن ۽ مغفرتن سان ڀرپور مهينو شروع ٿيڻ تي پوري پاڪستاني قومي ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي مبارڪباد ڏيان ٿو، رمضان ??لمبارڪ اسان کي الله تعاليٰ جي فرمانبرداري ۽ ان ??ي بندگيءَ ۾ سرشار ٿي هڪ مثالي مسلمان ??ڻجڻ جو سنهري موقعو فراهم ڪري ٿو، مسلمان هن مهيني ۾ الله جي حڪمن تي عمل ڪري پاڻ کي تقويٰ سان مزين ڪرڻ جي لاءِ عبادتن ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا ۽ الله تعاليٰ جي رحمت ۽ ڪرم سان گناهگارن کي مغفرت ملي ٿي. هن چيو ته الله تعاليٰ قرآن حڪيم ۾ فرمائي ٿو ته هن مسلمانن تي روزا ان ??ي لاءِ فرض ڪيا ته جيئن ??هي پرهيزگار بڻجي سگهن، رسول الله ﷺفرمايو ته جيڪو شخص روزو رکي ڪوڙ ۽ بدعملي کان نٿو رڪجي، الله تعاليٰ کي ان ??ي بک ۽ اُڃ جي ضرورت نه آهي، ??هي ارشادات اسان کي ان ڳالهه جي ياد ڏيارين ٿا ته روزو الله تعاليٰ جي حڪم تي بک ۽ اُڃ برداشت ڪرڻ سان گڏوگڏ سمورن گناهن کان ??چڻ جو نالو پڻ آهي، غيبت، گارگند، مڪرو فريب، رشوت، وياج خوري، ذخيره اندوزي، ملاوٽ ۽ بدنظري جهڙن گناهن کان ??چي ئي تقويٰ حاصل ڪرڻ ممڪن آهي. صدر چيو ته هي مبارڪ مهينو امت جي وچ ۾ همدرديءَ، ايثار، اخوت، ڀائيچاري ۽ تعاون جو پيغام پڻ کڻي اچي ٿو، رمضان ??لمبارڪ ۾ اسان ??ي اها تربيت به ٿئي ٿي ته اسان معاشري جي غريبن، مسڪينن، يتيمن، لاچار ۽ ڪمزور طبقن جو احساس ڪندي انهن جي مدد ڪريون، آئون رمضان ??لمبارڪ جي مبارڪ موقعي تي سرنديءَ وارن ماڻهن کي درخواست ڪريان ٿو ته ??هي وڌي چڙهي زڪوات، صدقا ۽ خيرات ادا ڪن، پنهنجي سگهه کان وڌيڪ غريبن، مسڪينن ۽ ضرورتمندن جي مالي مدد ڪن ۽ ان ??لسلي کي سڄو سال جاري رکن. هن چيو ته آئون هي مبارڪ مهينو شروع ٿيڻ تي عالمي دنيا ۽ مسلمان ??مت کي اپيل ڪريان ٿو ته اها مظلوم ف??سط??نين جي پڻ مدد ڪري ۽ غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ معصوم ف??سط??نين جي نسل ڪشي روڪرائڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان کي رمضان ??لمبارڪ جي برڪتن ۽ فضيلتن مان فائدو کڻڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ ملڪ پاڪستان کي ترقي ۽ ڪاميابي عطا فرمائي.