اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) نگران وف??قي ڪاب??نا ايف بي آر ۾ سڌارن جي لاءِ بين الوزارتي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته عام چونڊون پرامن منعقد ڪرڻ جي لاءِ پاڪ فوج ۽ سول آرمڊز فورسز جي دستن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ وف??قي ڪاب??نا جو اجلاس ??يو. نگران وف??قي ڪاب??نا فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ري اسٽرڪچرنگ ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي حوالي سان پيش ڪيل تجويزن تي تفصيلي بحث ڪيو. نگران وزيراعظم ايف بي آر سڌارن جي حوالي سان پيش ڪيل انهن تجويزن جي حوالي سان ڪاب??نا جي ميمبرن جي راءِ جي روشني ۾ ناڻي واري نگران وف??قي وزير جي سربراهي ۾ هڪ بين الوزارتي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ نجڪاري، پرڏيهي معاملن، واپار، توانائي، قانون ۽ انصاف ۽ انفا??مي??ن ٽيڪنالاجي وارا نگران وف??قي وزير شامل هوندا. ڪميٽي انهن تجويزن جي حوالي سان پنهنجون سفارشون وف??قي ڪاب??نا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪندي. ڪاب??نا ملڪ ۾ ٽيڪس آمدني ۾ اضافي، ٽيڪس – جي ڊي پي تناسب ۾ بهتري ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي انتظامي ڍانچي جي حوالي سان پيش ڪيل تجويزن تي ناڻي واري نگران وف??قي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي ڪوششن کي ساراهيو. نگران وزيراعظم ۽ ڪاب??نا جي سمورن ميمبرن گڏيل طور تي انهن ايف بي آر سڌارن جي حوالي سان انهن تجويزن جي تائيد ڪئي ۽ ان موقف جو ورجاءُ ڪيو ته نگران حڪومت ايف بي آر سڌارن جي ايجنڊا کي پڄاڻي تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. وف??قي ڪاب??نا گهرو وزارت جي سفارش تي عام چونڊون پرامن منعقد ڪرڻ جي لاءِ پاڪ فوج ۽ سول آرمڊ فورسز جي دستن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي، اهي دستا حساس تڪن ۽ پولنگ اسٽيشنن تي فرض سرانجام ڏيندا ۽ ريپڊ ريسپانس فورس جي طور تي پڻ ڪم ڪندا. وف??قي ڪاب??نا ناڻي واري وزارت جي سفارش تي طاهر حسين قريشي جي ايس ايم ايس بئنڪ جي صدر طور ملازمت جي مدي ۾ ٽي مه??نا يا اداري جي باضابطا بندش تائين جي توسيع جي منظوري ڏئي ڇڏي. وف??قي ڪاب??نا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي اسلام آباد هيلٿ ريگيوليٽري اٿارٽي جي رجسٽريشن بورڊ ۾ ميڊيڪل ڪاليجز جي نمائندي جي طور تي پروفيسر ڊاڪٽر انور علي شاهه، پرنسپل شفا ڪاليج آف ڊينٽسٽري، شفا عطا ملت يونيورسٽي اسلام آباد ۽ پرائيويٽ هيلٿ ڪيئر اسٽيبلشمينٽ سيڪٽر جي نمائندي جي لاءِ ڊاڪٽر درشهوار فيصل جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وف??قي ڪاب??نا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اسلام آباد جي وائيس چانسلر جي مقرري جي لاءِ سرچ ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، قومي صحت وارو نگران وف??قي وزير ڪميٽي جو سربراهه هوندو. وف??قي ڪاب??نا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 9 جنوري 2024ع تي منعقد ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وف??قي ڪاب??نا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪاب??نا ڪميٽي جي 9 جنوري 2024ع ۽ 17 جنوري 2024ع تي منعقد ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.