اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نئ??ن سال (2024ع) جي موقعي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته الله تعاليٰ کان دعا ڪريان ٿو ته سال 2024ع اسان جي ملڪ پاڪستان جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جي نويد کڻي اچي، پنهنجي فلسطيني ڀينرن ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي اسان نئ??ن سال کي انتهائي سادگي سان ملهائي رهيا آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پيغام ۾ نگران وزيراع??م چيو ته نئ??ن سال جي شروع ٿيڻ تي آئون پوري قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، اسان پنهنجي فلسطيني ڀائرن ڀينرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ نئ??ن سال کي انتهائي سادگي سان ملهائي رهيا آهيون ۽ پاڪستان حڪومت پاران نئ??ن سال جي هر قسم جي تقريب تي پابندي آهي. هن چيو ته نئون سال شروع ٿيڻ تي الله تعاليٰ کان اها دعا ڪريان ٿو ته سال 2024ع اسان جي ملڪ پاڪستان جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جي نويد کڻي اچي. آئون اميد ڪريان ٿو ته نئ??ن سال ۾ اسان پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگين جي بهتري جي لاءِ ڪوششون ڪنداسين ۽ هڪ روشن مستقبل طرف قدم وڌائينداسين. نگران وزيراع??م چيو ته نئ??ن سال جي شروعات پاڪستان ۽ پوري قوم جي لاءِ انتهائي اهم آهي ڇو ته ملڪ ۾ امن ۽ خوشحالي جو سفر تيزي سان پنهنجي منزل طرف جاري آهي. مون کي يقين آهي ته پاڪستان اڳ کان وڌيڪ پرامن ۽ مضبوط معاشي ملڪ بڻجي سامهون ايندو. نگران وزيراع??م چيو ته منهنجي دعا آهي ته 2023ع ۾ دنيا کي امن امان ۽ قدرتي آفتن جا جيڪي بحران درپيش رهيا، نئ??ن سال ۾ انهن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مثبت اڳڀرائي ٿئي. فلسطين جي مظلوم عوام تي اسرائيلي ڏاڍ سال 2023ع جو سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ حصو هو. غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ مظلوم فلسطينين خاص طور ??ي معصوم ٻارن جي قتل عام ۽ معصوم فلسطينين جي نسل ڪشي تي پوري پاڪستاني قوم ۽ مسلمان امت شديد ڏک ۾ ورتل آهي. اميد ڪريان ٿو ته عالمي دنيا 2024ع ۾ فلسطين ۾ امن قائم ڪرڻ، اسرائيلي رتوڇاڻ روڪڻ ۽ ان جي مسئلي جي منصفاڻي حل ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. منهنجي اها خواهش ۽ اميد آهي ته سال 2024ع ۾ مظلوم ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي حوالي سان ??ئي?? ڪاميابين طرف وڌي. هن چيو ته نئ??ن سال جي موقعي تي وطن جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، انهن جي گهرڀات??ن سان همدرديءَ جو اظهار ڪريون ٿا، الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي. نگران وزيراع??م چيو ته نئ??ن سال جي شروعات تي آئون معاشي صورتحال جي وڌيڪ بهتري، دهشتگردي جي خاتمي ۽ عوام جي تڪليفن ۾ گهٽتائي جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو. 2024ع ۾ اسان سڀني کي گڏجي پاڪستان کي ترقي، خوشحالي ۽ امن جو گهوارو بڻائڻو آهي. اچو نئون سال شروع ٿيڻ تي اسان اهو واعدو ڪريون ته هن ملڪ کي قائداعظم جو پاڪستان بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار سچي نيت سان ادا ڪندا رهنداسين.