اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عالمن تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان کي پوليو کان پاڪ قوم بڻائڻ جي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ عوام ۾ پوليو جي خاتمي جي مهم جي حوالي سان شعور اجاگر ڪن، محفوظ ۽ روشن مستقبل جي لاءِ صحتمند زندگي اسا?? جي ٻارن جو حق آهي، پوليو جي خلاف مهم ۾ عالمي ادار?? جي تعاون کي ساراهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پوليو جي خاتمي بابت قومي علماءِ ڪانفرنس کي خاص مهما?? جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صحت وارو نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر ند??م جان، نگران وزيراعظم جو مذهبي هم آهنگي بابت خصوصي نمائندو طاهر اشرفي ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن جو وڏو انگ پڻ موجود هو. نگران وزيراعظم چيو ته قرآن ۽ حديث اسا?? جي رهنمائي جو بهترين ذريعو آهن، قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ اسان کي اجتماعي فيصلا ڪرڻا آهن. هن مختلف مڪتبه فڪر جي عالم?? جي پوليو جي خاتمي جي مهم جي معاملي تي اجتماع کي خوش ??ئن??ه قرار ڏيندي چيو ته خواهش آهي ته عالم سمورن قومي مسئل?? جي حوالي سان ائين کي گڏ ٿين. نگران وزيراعظم چيو ته عالم?? جي اتفاق سان ئي عوام ۾ پوليو جي خاتمي جي مهم جي حوالي سان اتفاق راءِ پيدا ٿيندو. هن چيو ته ٻار?? جي روشن مستقبل جي لاءِ صحتمند زندگي انهن جو حق آهي. نگران وزيراعظم چيو ته اسان خوش قسمت آهيون جو پنهنجي ٻار?? جي زندگي جو تحفظ ڪري سگهون ٿا، غزه ۾ ٻارن جو اجتماعي قتل عام ٿي رهيو آهي، جيڪو انسانيت جي لاءِ فڪر جو لمحو آهي. مسلمان ڪن??ن مذهب يا ا?? جي پيروڪار کان نفرت نه ٿا ڪن ۽ سدائين انصاف جي لاءِ اٿي بيهن ٿا. نگران وزيراعظم پوليو جا ڦڙا پيارڻ کي غيرشرعي سمجهڻ کي بدقسمتي قرار ڏيندي چيو ته عالم اهڙن عنصر?? جي خلاف اٿي بيهن، بنا تحقيق جي پوليو جي ڦڙ?? جي حوالي سان ڪوڙ نه ڦهلايو وڃي. عالم اهڙن ماڻهن جو محاسبو ڪن. نگران وزيراعظم چيو ته مسلمان معقول رويو اختيار ڪرڻ وارو هوندو آهي، نامعقول روين جو اسلام سان ڪو تعلق نه آهي، قرآن مجيد ۾ تحقيق کانسواءِ ڪن??ن ڳالهه کي ڦهلائڻ کان منع فرمايو ويو آهي. نگران وزيراعظم علماءِ حق تي زور ڏنو ته اهي علماءِ سو آڏو اٿي بيهن، معاشري جي قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ رهنمائي ڪن ۽ حق ۽ سچ کي سامهون آڻين. نگران وزيراعظم پوليو جي خاتمي جي لاءِ معاونت فراهم ڪرڻ واري گڏيل قوم?? جي پروگرام، بل گيٽس ۽ عالمي ادارن جا ٿورا مڃيندي چيو ته اهي ادارا اسا?? جي ٻار?? جي صحت ۽ روشن مستقبل جي لاءِ جيڪا معاونت ۽ مالي مدد فراهم ڪري رهيا آهن ان جو اعتراف نه ڪرڻ بدديانتي هوندي ڇو ته پوليو اسا?? جي ايندڙ نسل?? جي لاءِ خطرو آهي. ان کان اڳ نگران وزيراعظم جي مذهبي هم آهنگي واري خصوصي نمائندي ۽ پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين طاهر اشرفي چيو ته عالمن اهم قومي مسئلن تي سدائين پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، عالمن جو هي اجتماع پوليو جي خاتمي جي مهم جي حوالي سان متفق آهي، پوليو ويڪسين ۾ ڪا غيرشرعي ۽ نقصانڪار شيءَ نه آهي ۽ ان جو استعمال جائز آهي. هن چيو ته شريعت انساني جاني?? جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي تلقين ڪئي آهي، عالم پوليو جي خاتمي جي پروگرام جي توثيق ڪن ٿا. صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر ند??م جان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته نگران وزيراعظم هي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي ڇو ته پوليو جي خاتمي جي مهم ۾ عالمن جو انتهائي اهم ڪردار آهي، هن پوليو جي خاتمي جي مهم جي لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين ڏيارڻ تي ڪانفرنس ۾ شريڪ عالمن جا ٿورا مڃيا. صحت واري نگران وفاقي وزير چيو ته عالم?? جي شموليت سان پوليو جي خاتمي جي مهم وڌيڪ موثر ٿيندي. هن چيو ته پوليو وائرس جي موجودگي جي ڪري پاڪستان کي عالمي سطح تي مشڪلاتون درپيش آهن. هن پوليو ورڪرز کي پڻ ساراهيو جيڪي مشڪل حالتن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. صحت واري سيڪريٽري افتخار شلواڻي چيو ته عالم پوليو جي خاتمي جي مهم ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ٻار اسان جو قومي اثاثو آهن، انه?? جي حفاظت اسان جو فرض آهي.