اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ٽيليويزن ڪوئيٽا سينٽر ج?? چيف ڪئميره مين احمد خان سولنگي ۽ ڪئميره مين ظفر علي جي رو?? حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير حادثي ۾ ٻين زخمي ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي. واضح ره?? ته حادثو سوراب ڪوئيٽا ڪراچي هاءِ وي تي ڪار ۽ ويگن ۾ ٽڪر ج?? نتيجي ۾ پيش آيو.