اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگر??ن وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي ڏنل چونڊن جي تاريخ ۾ ڪنهن به قسم جي توسيع، ترميم يا تبديلي ايجنڊا تي نه آهي، اڃا تائين ڪو اهڙو واقعو پيش ناهي آيو جيڪو اليڪشن جي التوا جو سبب بڻجي، ڪشمير ڀارت جو اندروني معاملو نه آهي، هڪ مڃيل عالمي تڪرار آهي، ڪشميري عوام نه پنهنجي حق تان هٿ کڻندي ۽ نه پا??ستان پنهنجي اصولي موقف تان پٺتي هٽندو، وفاقي ڪابينا ڀارتي سپريم ڪورٽ جي غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حوالي سان فيصلي کي غيرقانوني فيصلو قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي ڪابينا پا??ستان جي پهرين ”نيشنل اسپيس پاليسي“ جي منظوري ڏني، ڪابينا پا??ستان ۾ رهندڙ اهڙن افغانين جن جو پا??ستان کانسواءِ ڪنهن ٽئين ملڪ ۾ انخلا ٿيڻو آهي، جي سهولت لاءِ قاعدن ۽ ضابطن ۾ تبديلي جي منظوري ڏني، اهڙن افغانين جي پا??ستان ۾ قيام جي مدي کي 31 ڊسمبر 2023ع م??ن وڌائي 29 فيبروري 2024ع ڪيو ويو، ڪابينا اختيارن جي ناجائز استعمال تي مئنيجنگ ڊائريڪٽر نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريشن جو ڪانٽريڪٽ فوري طور تي رد ڪندي ان جي خلاف ڪارروائي جي منظوري ڏني، وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز سي سي ايل سي) بابت ڪابينا ڪميٽي جي 6 ڊسمبر 2023ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي جنهن تحت سائبر ڪرائميز جي تدارڪ، پراسيڪيوشن ۽ فيصلاسازي بابت نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيشن ايجنسي ?? ٽيلي ڪام ٽربيونل پڻ قائم ڪيو ويندو. ڪالهه اربع ڏينهن صحت واري نگر??ن وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان ۽ سائنس ?? ٽيڪنالاجي واري نگر??ن وفاقي وزير ڊاڪٽر عمر سيف سان گڏ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ٿيندڙ فيصلن بابت ميڊيا کي آگاهه ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگر??ن وفاقي وزير چيو ته نگر??ن وزيراعظم جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪابينا ضلعي ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس اسٽيشن تي دهشتگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان افسوسناڪ واقعي ۽ ٻين دهشتگردي جي حملن جي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. ان موقعي تي نگر??ن وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد پا??ستاني قوم جو فخر آهن، دهشتگردي جي ناسور جي پا??ستان مان مڪمل خاتمي تائين اها جنگ جاري رکنداسين، دهشتگردن جون اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون ڪنهن به صورت ۾ پا??ستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگر??ن وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا ڀارتي سپريم ڪورٽ جي غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت جي حوالي سان غيرقانوني فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڄمون ۽ ڪشمير هڪ مڃيل عالمي تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي حل طلب آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي مستقبل جو فيصلو گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ٿيڻو آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جي نام نهاد فيصلي سان ڪشمير مسئلي تي ڪو اثر نٿو پوي. هن چيو ته وفاقي ڪابينا عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها ڀارت جي غيرقانوني طور تي ڪشميرين جي آزادي سلب ڪرڻ جي قدمن جي ڀرپُور مذمت ڪري، وفاقي ڪابينا 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانُوني قدم ۽ ڀارتي سپريم ڪورٽ جي هڪطرفي طور تي ڀارتي حڪومت کي ان حوالي سان کليل ڇوٽ ڏيڻ ڀ??رت جي عالمي قانونن ۽ ذميوارين جي کليل خلاف ورزي قرار ڏنو آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگر??ن وفاقي وزير چيو ته نگر??ن وزيراعظم اجلاس ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته اسان سمجهون ٿا ته ان نام نهاد فيصلي سان اسان جي ڪوششن ۾ ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي حوالي س??ن وڌيڪ تيزي ايندي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته مظلوم ڪشميري عوام هڪ غاصب رياست جي خلاف پنهنجا بنيادي حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ مزاحمت ڪري رهي آهي ۽ پا??ستان رياست ڪشميرين جي خودمختاري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگر??ن وفاقي ڪابينا پا??ستان جي آفريقا انگيج پاليسي جي ڏس ۾ جمهوريه گيمبيا ۽ پا??ستان جي پرڏيهي وزارت جي وچ ۾ گڏيل سياسي خيالن جي ڏي وٺ تي مفاهمتي ياداشتن جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا مئنيجنگ ڊائريڪٽر نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريشن جو ڪانٽريڪٽ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ تي فوري طور تي رد ڪرڻ ۽ ان جي خلاف ڪارروائي جي منظوري ڏني آهي. نئين مئيجنگ ڊائريڪٽر جي مقرري تائين ميان محمد شفيق، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر وقتي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي چارج سنڀاليندو. هن چيو ته وفاقي ڪابينا پا??ستان ۾ رهندڙ اهڙن افغانين جن جو پا??ستان کانسواءِ ڪنهن ٽئين ملڪ ۾ انخلا ٿيڻو آهي ۽ جن وٽ نه ته داخلا جو ڪو قانوني ثبوت آهي ۽ نه ئي پروسيسنگ فيس، انهن جي سهولت لاءِ قاعدن ۽ ضابطن ۾ تبديلي جي منظوري ڏني آهي، نئين قاعدن ۽ ضابطن موجب اهڙن افغانين جن جي ڪنهن ٽئين ملڪ ڌانهن روانگي ٿيڻي آهي ۽ جن وٽ ڪو قانوني دستاويز يا پروسيسنگ فيس نه آهي، انهن جي پا??ستان ۾ مقرر مدي ک??ن وڌيڪ قيام جي نتيجي ۾ 800 ڊالر جي ڏنڊ کي گهٽ ڪري 400 ڊالر ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ اهڙن افغانين جي پا??ستان ۾ قيام جي مدي جي حد کي 31 ڊسمبر 2023ع ک??ن وڌائي 29 فيبروري 2024ع ڪيو ويو آهي. مقرر تاريخ کانپوءِ هر مهيني 100 ڊالر جي حساب سان ڏنڊ لاڳو ٿيندو جنهن جي وڌ ک??ن وڌ حد 800 ڊالر مقرر ڪئي وئي آهي. انهن قدمن جو مقصد غيرقانوني طور تي پا??ستان ۾ رهندڙ افغانين کي قانوني دستاويز حاصل ڪرڻ يا ڪنهن ٽئين ملڪ ۾ جلد کان جلد انخلا جي معاهدن کي پڄاڻي تائين پهچائڻ جي طرف راغب ڪرڻ آهي. هن چيو ته وفاقي ڪابينا پا??ستان جي پهرين ”نيشنل اسپيس پاليسي“ جي پڻ منظوري ڏني. پاليسي تحت پا??ستان ۾ ابلاغ ۽ رابطن جي لاءِ عالمي ڪمپنين کي “Low Orbit Satellite Communication” جي ذريعي صارفين کي خدمتون فراهم ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي. ان پاليسي تحت نه رڳو پا??ستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ٿيندي پر پا??ستان سان انهن خدمتن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ معاوضي جي مد ۾ ٻاهر ويندڙ قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي سگهبو. پاليسي تحت نه رڳو پا??ستان ۾ عالمي سطح تي لاڳو جديد گهرجن سان هم آهنگ ”اسپيس ريگيوليٽري رجيم“ جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي پر اسپارڪو ۾ تحقيق ۽ ترقي جي لاءِ فنڊز جو انتظام پڻ رکيو ويو آهي. هن چيو ته نگر??ن وزيراعظم انفارميشن ٽيڪنالاجي ?? ٽيلي ڪام واري وزارت، اسپارڪو، دفاع واري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارن جي پا??ستان جي پهرين اسپيس پاليسي جوڙڻ جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. وفاقي ڪابينا سامونڊي معاملن واري وزارت جي سفارش تي ڪورنگي فشريز هاربر اٿارٽي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جون خدمتون فوري طور تي پنهنجي اداري کي واپس ڪرڻ جي منظوري ڏني ۽ اداري ۾ سامهون ايندڙ بدانتظامي جي جاچ جي پڻ منظوري ڏني. نئين مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي مقرري تائين ريئر ايڊمرل شاهد احمد، ڊي جي آپريشنز پورٽ قاسم اٿارٽي کي ان جي اضافي چارج ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي. هن چيو ته وفاقي ڪابينا صحت واري وزارت جي سفارش تي ڊائو ڊينٽل ڪاليج ڪراچي، نارووال ميڊيڪل ڪاليج نارووال، لياقت ا??سٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ٺٽو ۽ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج خيرپور ميرس جي شروعاتي منظوري جي لاءِ پا??ستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج کي موڪلڻ جي فيصلي جي توثيق ڪئي. ان کانسواءِ وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي 23 نومبر 2023ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي جڏهن ته ڪابينا دوائن جي قيمتن ۾ اضافي جي حوالي سان فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو. ڪابينا هدايت ڪئي ته دوائن جي قيمتن جي تعين ۽ ريگيوليشنز بابت پوري نظام جو جائزو وٺو ته جيئن مستقبل جي لاءِ ان مسئلي جو هڪ ٺوس حل ڳولي سگهجي. ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي نگر??ن وزيراعظم چيو ته اسان چاهيون ٿا ته فارما انڊسٽري ترقي ڪري جڏهن ته قيمتن ۽ دوائن جي معيار جي حوالي سان عوام جو مفاد مٿانهون هوندو. هن چيو ته وفاقي ڪابينا هدايت ڪئي ته ايندڙ اجلاس ۾ موجوده ڊرگ پاليسي ۾ ترميم جي لاءِ صحت واري وزارت ڪابينا کي بريفنگ ڏي جنهن ۾ ڊريپ جي ريگيوليٽري ۽ انتظامي معاملن جو تفصيلي جائزو شامل هجي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگر??ن وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز (سي سي ايل سي) بابت ڪابينا ڪميٽي جي 6 ڊسمبر 2023ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. انهن فيصلن ۾ سائبر ڪرائميز جي تدارڪ، پراسيڪيوشن ۽ فيصلاسازي بابت نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيشن ايجنسي جو قيام شامل آهي، گڏوگڏ ٽيلي ڪام ٽربيونل پڻ قائم ڪيو ويندو. هن چيو ته وفاقي ڪابينا توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 22 نومبر 2023ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگر??ن وفاقي وزير چيو ته اڃا تائين پا??ستان جي ڪنهن عدالت ۽ آئيني اداري موجوده نگران حڪومت کي غيرقانوني قرار ناهي ڏنو. هن چيو ته دهشتگردي جي واقعن جو وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ تفصيل سان جائزو ورتو ويو. هڪ سوال تي هن چيو ته غيرقانوني رهندڙ ماڻهن جي پنهنجي وطن واپسي بابت ا??گ اکر گهرو وزارت جاري ڪري رهي آهي، اٽڪل ساڍا چار لک ماڻهو پنهنجي وطن واپس وڃي چڪا آهن، انهن مان اڪثريت رضارڪاراڻي طور تي واپس وڃڻ وارن جي آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ڪجهه اهڙا ماڻهو هتي رهن ٿا جن جي منزل ڪو ٽيون ملڪ آهي، انهن سان ڳالهيون هلي رهيون آهن. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ڊيره اسماعيل خ??ن واقعي جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي، نگر??ن وزيراعظم پا?? به ڊيره اسماعيل خ??ن ويو، اسان ان معاملي کي سنجيدگي س??ن وٺي رهيا آهيون، اسان پا??ستان جي عوام کي دهشتگردي کان بچائڻ جي لاءِ هر حد تائين وينداسين. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگر??ن وفاقي وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان جي حوالي سان گهرو وزارت وضاحت ڪري چڪو آهي، مولانا فضل الرحمان کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، اڃا تائين اهڙو ڪو واقعو پيش ناهي آيو جو اليڪشن ۾ التوا جو سبب بڻجي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران ڏنل چونڊن جي تاريخ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا توسيع، ترميم يا تبديلي ايجنڊا تي نه آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فلسطيني عوام گذريل 75 سالن کان پنهنجي خودمختياري جي حق لاءِ وڙهي رهي آهي، فلسطيني رياست جي قيام ۾ انهن کي ڪاميابي نه ملي ته ان جو مطلب اهو نه آهي ته اهي پنهنجي حق تان دستبردار ٿي وڃن. هن چيو ته ڪشمير هڪ عالمي تڪرار آهي جيڪو پا?? ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ کڻي ويو هو، والاريل ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جون قراردادون موجود آهن، ڪشمير ڀارت جو اندروني معاملو نه آهي، مڃيل عالمي تڪرار آهي، نهن ڪشميري عوام پنهنجي حق تان دستبردار ٿيندي ۽ نه پا??ستان پنهنجي اصولي موقف تان پٺتي هٽندو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 18:25