اسلام آباد ??? 13 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي ڪرمنل لاء ترميمي آرڊيننس 2023ع جاري ڪري ڇڏيو، نئين آرڊيننس تحت بجلي چوري جا واقعا قابل دست اندازي ڏوهه هوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ڪرمنل لاء ترميمي آرڊيننس 2023ع جو مقصد پاڪستان پينل ڪوڊ 1860ع جي سيڪشن 462 (0) ۾ ترميم ڪرڻ آهي. بجلي جي ورڇ ڪندڙ ??مپنين کي ان کان اڳ بجلي چوري جي واقعن جي ايف آءِ آرز داخل ڪرائڻ ۾ مشڪلاتون درپيش هيون جڏهن ته نئين آرڊيننس تحت بجلي چوري جا واقعا قابل دست اندازي ڏوهه هوندو. آرڊيننس کانپوءِ بجلي چوري نه رڳو گريڊ 17 يا ??ٿي جي آفيسر پر بجلي چوري جي ورڇ ڪندڙ ??مپنين جي سي اي اوز جي نامزد ڪيل ماڻهن جي شڪايت تي قابل دست اندازي ڏوهه هوندي. صدر آرڊيننس آئين جي آرٽيڪل 89 هڪ تحت جاري ڪيو. آرڊيننس سان توانائي جي شعبي ۾ ٿيندڙ اٽڪل 590 ارب رپين جي بجلي چوري ت?? ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي.