دبئي – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران ??زي??اعظم انوارالحق ??اڪڙ نيڌرلينڊ جي ڪمپني?? کي زراعت، باغباني، پاڻي جي انتظام ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ نيڌرلينڊ کي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي ذريعي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران ??زي??اعظم انوارالحق ??اڪڙ دبئي ۾ 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ – 28) جي موقعي تي نيڌرلينڊ جي ??زي??اعظم مارڪ روٽي سان ملاقات ڪئي. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات کانپوءِ ٻنه?? اڳواڻن جي اها ٻي ملاقات هئي. ٻنه?? اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانستان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنه?? اڳواڻن غزه ۾ خراب ٿيندڙ انساني حقن جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي سربراهن هن سال ٻنهي ملڪن جي سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي اسلام آباد ۽ دي هيگ ۾ منعقد ٿيندڙ تقريب?? کي ساراهيو. نگران ??زي??اعظم انوارالحق ??اڪڙ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ نيڌرلينڊ کي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي ذريعي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن ڊچ ڪمپني?? کي زراعت، باغباني، پاڻي جي انتظام ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنه?? اڳواڻن پاڪستان ۽ هالينڊ جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ اضافي جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نگران ??زي??اعظم ڪوپ – 28 جي حوالي سان بهتر نتيجن جي اميد جو اظهار ڪيو. هن چيو ته گهٽ ڪاربن خارج ڪندڙ ملڪن مان هڪ هجڻ جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلي جي خطرن جو شڪار آهي. نگران ??زي??اعظم انوارالحق ??اڪڙ نيڌرلينڊ جي ??زي??اعظم کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.