اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ قابض عملدارن پ??ران منظم طريقي تي ڪشميرين کي پنهنجي زمينن تان بيدخل ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ انساني حقن جي محافظن ۽ سياسي ڪارڪنن جي ملڪيتن کي سيل ڪرڻ ۽ ضبط ڪرڻ جي مهم ۾ مصروف آهي. هن چيو ته هلندڙ هفتي ڀارتي عملدارن هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي خاتمي جي قانون کي استعمال ڪندي ڄمو?? ۽ ??شمير جي ضلعي پلواما ۾ ڪيترين ئي ملڪيتن کي ضبط ڪيو. ترجمان چيو ته ملڪيتن تي قبضا اختلاف راءِ کي ڪچلڻ ۽ انساني حقن جي محافظن کي ستائڻ جو هڪ ظالماڻو ذريعو آهي، اهو طرزعمل ۽ اهڙي قسم جي وحشياڻي ڀارتي قدمن کي ختم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارد??دن تي عملدرآمد جي لاءِ قدم کنيا وڃن. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارد??دن موجب ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائر?? ۽ ??ينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.