اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم جي انساني حقن بابت خاص مددگار مشعا?? ملڪ چيو آهي ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ خوداراديت جي حق جي آواز کي دٻائڻ لاءِ جنگي ڏوهن ۽ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙين ۾ ملوث آهي، ڪشميري 76 سالن کان اڄ جي ڏينهن کي ڪاري ڏهاڙي طور ملهائي رهيا آهن، جڏهن ڀارتي فوج اسان جي سرزمين تي په??يون ڀيرو اسان جي سرزمين تي قدم رکيو هو ڪشميري قوم آزاديءَ جو حق وٺي رهندي. اهڙو اظهار هن 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن جي ??وقعي تي پنهنجي ??ڊيو پيغام ۾ چيو آهي. ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي ??وقعي تي خاص مددگار مشعا?? ملڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته اسان ڪشميري 76 سالن کان اڄ جو ڏينهن ڪاري ڏينهن طور ملهائي رهيا آهيون، اڄ جي ڏينهن ڀارتي قابض فوج اسان جي سرزمين تي په??يون ڀيرو قدم رکيو. هن چيو ته ڪشميري قوم هٿين خالي ڀارتي فوج جو مقابلو ڪيو ۽ ڪشميري قوم ڏُک ۽ رت جون لازوال قربانيون ڏنيون آهن. مشعا?? ملڪ چيو ته اسان ڪشميري عوام آزاديءَ جو حق وٺي رهنداسين، اسان جي اها جدوجهد آزادي ملڻ تائين جاري رهندي. مشعا?? ملڪ چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ خوداراديت واري حق کي دٻائڻ لاءِ جنگي ڏوهن ۽ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪري رهي آهي. گڏيل قومون هڪ اعليٰ سطحي ڪميشن بڻائي جيڪا بين الاقوامي قانونن مطابق سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ انهن ڏوهن جي جاچ ڪرائي.