سرينگر – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻ??هي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين ڄمعي تي ڪارو ڏهاڙو ملهايو جنهن جو مقصد دنيا کي واضح پيغام ڏيڻ آهي ته ڀارت انهن جي وطن تي غير قانوني ط??ر تي ۽ انهن جي خواهشن جي ابتڙ قبضو ڪ??و آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪارو ڏهاڙو ملهائڻ جو سڌ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏنو آهي. 27 آڪٽوبر 1947 تي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀا??تي فوج جي جارحيت ۽ نريندر مودي جي فسطائي ڀا??تي حڪومت طرفان 5 آگسٽ 2019 تي والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت کي رد ڪرڻ جي مذمت لاءِ گذري ڏينهن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مارچ، ريليون ۽ سيمينار منعقد ڪيا ويا.