اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 48 (5) موجب قومي اسي??بل?? جي لاءِ عام چونڊون قومي اسي??بل?? جي تحليل جي تاريخ جي 89 هين ڏينهن يعني سومر 6 نومبر 2023ع تي ٿيڻ گهرجن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي نالي خط ۾ چيو آهي ته صدر 9 آگسٽ تي وزيراعظم جي مشوري تي قومي اسي??بل?? کي تحليل ڪيو، آئين جي آرٽيڪل 48 (5) تحت صدر جو اختيار آهي ته قومي اسي??بل?? جون عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ، تحليل جي تاريخ کان 90 ڏينهن جي اندر جي تاريخ مقرر ڪري. هن چيو ته آرٽيڪل 48 (5) موجب قومي اسي??بل?? جي لاءِ عام چونڊون قومي اسي??بل?? جي تحليل جي تاريخ جي 89 هين ڏينهن يعني سومر 6 نومبر 2023ع تي ٿيڻ گهرجن. صدر چيو ته آئيني ذميواري پوري ڪرڻ جي لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي ملاقات جي لاءِ گهرايو ويو ته جيئن آئ??ن ۽ ان جي حڪم کي لاڳو ڪرڻ جو طر??قو جوڙي سگهجي، چيف اليڪشن ڪمشنر جواب ۾ ابتڙ موقف اختيار ڪيو ته آئين جي اسڪيم ۽ فريم ورڪ موجب اهو اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي. صدر پنهنجي خط ۾ وڌيڪ چيو آهي ته آگسٽ ۾ آدمشماري جي اشاعت کانپوءِ تڪبندين جو عمل پڻ جاري آهي ۽ آئين جي آرٽيڪل 51 (5) ۽ اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 17 تحت اها هڪ لازمي شرط آهي. هن چيو ته قانون ۽ انصاف واري وزارت به اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جهڙي راءِ رکي ٿي، چئني صوبائي حڪومتن جو خيال آهي ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو مينڊيٽ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وفاق کي مضبوط بڻائڻ، صوبن جي وچ ۾ اتحاد ۽ هم آهنگي جي فروغ ۽ غيرضروري خرچن کان بچڻ جي لاءِ قومي اسي??بل?? ۽ صوبائي اسي??بل??ن جون عام چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ تي اتفاق آهي. صدر چيو ته اليڪشن ڪميشن ذميوار آهي ته اها آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ آرٽيڪل 51، 218، 219، 220 ۽ اليڪشنز ايڪٽ 2017ع تحت طئي ٿيل سمورن آئيني ۽ قانوني قدمن جي پابندي ڪري. صدر چيو ته سمورن نقطن کي نظر ۾ رکندي اليڪشن ڪميشن آئين جي لاڳاپيل شقن تحت صوبائي حڪومتن ۽ سياسي پارٽين سان مشاورت ۽ ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي ته ڪجهه معاملا اڳ ۾ ئي ٻڌڻي هيٺ آهن، قومي ۽ صوبائي اسي??بل??ن ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ اعليٰ عدليه کان رهنمائي حاصل ڪري.