ڪراچي – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگران و??ير??عظم ??نوارالحق ڪاڪڙ چيو ??هي ته ڪراچي جي مسئلن جي حل لاء?? سمورن وسيلن کي هر ممڪن طور تي استعمال ۾ آندو ويندو. و??ير??عظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران و??ير??عظم ??نوارالحق ڪاڪڙ سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. وفد انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ جي اقتصادي، معاشي ۽ معاشرتي صورتحال، بين المذاهب هم آهنگي ۽ ٻين موضوعن تي تفص??لي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وفد نگران و??ير??عظم ??و ڌيان ڪراچي ۾ حدبندي جي مسئلي ۽ پاڻي جي کوٽ جي پراڻي مسئلي طرف ڇڪرايو. و??ير??عظم وفد کي يقين ڏياريو ته ڪراچي جي مسئلن جي حل لاء?? سمورن وسيلن کي هر ممڪن طور تي استعمال ۾ آندو ويندو. ملاقات ۾ سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري پڻ موجود هو. ايم ڪيوا يم جي وفد ۾ فاروق ستار، سيد امين الحق، خواجه اظهارالحسن ۽ ٻيا شامل هئا.