اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ايئرپور??س اٿارٽي قائم ڪرڻ سميت ٽن ب??ن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ال??ڪشنز (ٻي ترميم) بل 2023ع جي منظوري ڏني آهي. بل جو مقصد ال??ڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ترميم ڪرڻ آهي. صدر پاڪستان ساورن ويلٿ فنڊ بل 2023ع جي منظوري ڏني. بل جو مقصد پاڪستان ساورن ويلٿ فنڊ قائم ڪرڻ آهي. صدر پاڪستان ايئرپور??س اٿارٽي بل 2023ع جي منظوري ڏني. بل جو مقصد ايئرپورٽس جي بهتر انتظام، آپريشن ۽ ترقي ۽ ايئر ٽرانسپورٽ خدمتن ۾ بهتري جي لاءِ پاڪستان ايئرپور??س اٿارٽي جو قيام آهي. صدر ٽنهي بلن جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڏني آهي.