اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) پاڪستان بيت المال کي مالي سال 2023ع دوران 6 ارب 4 ڪروڙ رپيا مختلف منصوبن لاءِ فراهم ڪ??ا ويا. جاري ڪيل اقتصادي سروي مطابق ??نفرادي مالياتي معاونت جي پروگرام لاءِ هڪ ارب 27 ڪروڙ رپيا، ايس آڙ سي ايل پروگرام تحت 76 ڪروڙ 42 لک رپيا 5 کان 6 سالن جي چائلڊ ليبر جي اسڪولن ۾ ب??اليءَ لاءِ ورهايا ويا. عورتن کي بااختيار بنائڻ جي مرڪزن ۾ 44 ڪروڙ 11 لک 80 هزار رپيا، جڏهن ته پاڪستان سوئيٽ هومز ۾ 51 ڪروڙ 70 لک رپيا خرچ ڪيا ويا. پاڪستان بيت المال اولڊ هو?? ۾ 54 لک 80 هزار رپيا استعمال ڪيا ويا. پاڪستان بيت المال شيلٽر هوم ۾ 12 ڪروڙ 22 لک 80 هزار رپيا جڏهن ته ماني سڀني لاءِ پروگرام ۾ 3 ڪروڙ 19 لک 50 هزار رپيا استعمال ڪيا ويا آهن.