اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏام شروع ٿيڻ سان پاڪستاني واپارين کي آفريقي ملڪن ۾ نئين منڊين تائين پهچ جي لاءِ آسان?? ٿيندي. پرڏيهي آفيس موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايٿوپيا جي پرڏيهي مع??مل?? واري مملڪتي وزير مسگانو اريگا سان ڳالهائ??ند?? ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آفريقي واپارين جي لاءِ پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايٿوپيا جي پرڏيهي مع??مل?? واري مملڪتي وزير مسگانو اريگا جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي. پرڏيهي وزير ايٿوپيا جي پرڏيهي مع??مل?? واري مملڪتي وزير سان ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گذريل رات ڪراچي ۾ پ??هن??ي ايٿوپين هم منصب سان گڏ ايٿوپين ايئرلائينز جي پاڪستان جي لاءِ سڌوسنئون فلائيٽ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائ??ند?? پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏام شروع ٿيڻ سان پاڪستاني واپارين کي آفريقي ملڪن ۾ نئين منڊين تائين پهچ جي لاءِ آسان?? ٿيندي. هن چيو ته آفريقي واپارين جي لاءِ پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جو سفارتخانو ??ائم ڪرڻ جي به آجيان ڪئي. هن چيو ته سندس ناني ذوالفقار علي ڀٽو ايٿوپيا ۾ پاڪستان جو سفارتخانو کوليو هو.