راولپنڊي- 10 مئي (اي پي پي) پاڪ ??وج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) چيو آهي ته 9 مئي جو ڏينهن هڪ ڪاري باب طور ياد رکيو ويندو، جيڪو ڪم ملڪ جو ابدي دشمن 75 سالن ۾ نه ڪري سگهيو اهو اقتدار جي هوس ۾ مبتلا گروه سياسي لباس اوڙهي ڪري ڏيکاريو آهي، اهڙي ڪڌي ڪوشش ڪئي وئي ته پاڪ ??وج پنهنجو فوري رد عمل ڏي جنهن کي ناپاڪ سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي پر پاڪ ??وج جي ذميواراڻي رد عمل ان سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، اسان کي چڱي طرح خبر آهي ته ان جي پويان پارٽي جي ڪجهه شرپسند قيادت جا حڪم،هدايتون ۽ مڪمل اڳواٽ رٿابندي هئي ۽ آهي، ڪنهن کي به عوام کي اڪسائڻ ۽ قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، وڳوڙين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي نيب جي پڌرائي موجب ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان قانون موجب حراست ۾ ورتو ويو. پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري کان فورن بعد هڪ منظم طريقي سان آرمي جي ملڪيتن ۽ ??ڪا??ن تي حملا ڪرايا ويا ۽ ??وج مخالف نعريبازي ڪرائي وئي. هڪ طرف ته اهي شرپسند عنصر عوامي جذبن کي پنهنجي محدود ۽ خود غرض مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڀرپور طريقي سان اڀاريندا آهن ۽ ٻئي طرف ماڻهن کي اکين ۾ ڌوڙ وجهن??ي ملڪ لاءِ ??وج جي اهميت کي به اجاگر ڪندي نه ٿڪجندا هئا جيڪو ٻٽي معيار جو مثال آهي. بيان ۾ چيو ويو ته ??وج انتهائي صبر، بردباري جو مظاهر?? ڪيو ۽ پنهنجي ساک جي به پرواهه نه ڪن??ي ملڪ جي وسيع مفاد ۾ انتهائي صبر ۽ برداشت کان ڪم ورتو. ناپاڪ رٿابندي تحت پيدا ڪيل ان صورتحال مان اها ڪڌي ڪوشش ڪئي وئي ته آرمي پنهنجو فوري رد عمل ڏي جنهن کي پنهجي ناپاڪ سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي. آرمي جي ميچوئر ريسپانس ان سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. بيان ۾ چيو ويو ته ??وج سميت سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، فوجي ۽ رياستي ??ڪا??ن ۽ ملڪيتن تي ڪنهن به وڌيڪ حملي جي صورت ۾ شديد رد عمل ڏنو ويندو جنهن جي مڪمل ذميواري انهي ٽولي تي هوندي جيڪو پاڪستان کي گهرو ويڙهه طرف ڌڪڻ چاهي ٿو ۽ هر ڀيري ۽ ڪيترائي ڀيرا ان جو اظهار به ڪري چڪو آهي، ڪنهن کي به عوام کي اڪسائڻ ۽ قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.