اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ بلغاريه جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو پنجون دور صوفيه ۾ منعقد ٿيو، پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) محمد سليم ڪئي جڏهن ته بلغاريه جي پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل (ٻطرفا لاڳاپا) پيٽر ڪريچيف پنهنجي ملڪ جي وفد جي سربراهي ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين ٻطرفن لاڳاپ?? جي سمورن رخن جو ??ائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن ۽ ذريعن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. هنن سياسي، اقتصادي، واپاري?? سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، زراعت، آءِ سي ٽي ۽ عوامي رابط?? جي شعبن ۾ لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ ??ي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين پ??ڪستان بلغاريه بين الحڪومتي ڪميشن جو ??جلاس جلد گهرائڻ جي اهميت ۽ ٻنهي ملڪ?? جي نجي شعب?? جي وچ ۾ فعال رابطن تي اتفاق ڪيو. بلغاريه ۾ افرادي قوت جي موجوده کوٽ کي پورو ڪرڻ ??ي لاءِ پاڪستاني افرادي قوت کي وڌائڻ جي امڪانن تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستاني وفد بلغاريه جا يورپي يونين سان پ??ڪستا?? جي فعال رابطن خاص طور تي جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي ڏس ۾ معاون ڪردار ادا ڪرڻ ??ي ٿورا مڃيا. امن ۽ سلامتي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ موسمياتي تبديلي سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين گهڻ رخي پليٽ فارمز خاص طور تي گڏيل قومن ۾ ويجهي تعاون کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي گهري دلچسپي تي پڻ زور ڏنو.