اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي معاملن ۽ عالمي تعاون واري وزير شيخ عبدالله بن زيد النهيان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ افغانستان جي يونيورسٽين ۾ ڇوڪرين ۽ عورتن جي تعليم تي پابندي جي طالبان جي فيصلي تي خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٽيليفونڪ ??اب??ي ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ امن جي حماي?? ۾ ??نهنجي مضبوط موقف کي ورجائيندي افغان عوام جي پائيدار مستقبل جي لاءِ عالمي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ ?? عورتن جي حقن ??ي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت سان گڏوگڏ زندگي جي سمورن شعبن ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي مڪمل ۽ ب??اب?? شرڪت جي اهميت کي حقيقي قرار ڏيندي ٻنهي اڳواڻن چيو ته اسلام عورتن کي هڪ اهم مقام ڏنو آهي ۽ انهن جي حقن ??ي تحفظ جي لاءِ زور ڏي ٿو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ شيخ عبدالله بن زيد النهيان ڳالهه ٻولهه دوران افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ امن جي حماي?? ۾ ??نهنجي مضبوط موقف ۽ افغان عوام جي پائيدار مستقبل جي لاءِ عالمي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو.