اسلام آباد- 05 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن ??قبال چيو آهي ته ٻوڏ جي آفت کي مُنهن ڏيڻ ??اء?? سڄو ملڪ گڏ ٿيو آهي، سمورا ادارا، سول سوسائٽي ۽ حڪومت گڏجي ڀرپور ڪم ڪيو آهي، ٿڌ جي موسم کي نظر ۾ رکندي ٻوڏ متاثرن کي اڃا به امداد جي ضرورت آهي، حڪومت ۽ قوم گڏجي ان جذبي سان پاڪستان کي اڳتي وٺي ويندا، ٻوڏ کي مُنهن ڏيڻ ۾ اين ايف آر سي سي جو ڪردار مثالي رهيو آهي. نيشنل فلڊ رسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر جي پڄاڻيءَ واري سيشن کي خط??ب ڪندي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ٻوڏ کان 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي، محنت ۽ پنهنجي وسيلن جو استعمال ڪندي نقصانن جو ازالو پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ريسڪيو ۽ رليف جي ڪمن ۾ پاڪ فوج سميت سمورا فورسز ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن مثالي ڪم ڪيو. ٻوڏ کانپوءِ ريسڪيو ۽ رليف بح??لي??َ جي سرگرمين کي بنا رڪاوٽ جاري رکڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ سڄي قوم طرفان اين ايف آر سي سي جي پوري ٽيم کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته حڪومت موسمياتي تبديليءَ جي مستقبل جي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي گهڻ رُخي حڪمت عملي بڻائي آهي جنهن کي ڊونرز ڪانفرنس ۾ عالمي برداريءَ آڏو پيش ڪنداسين. ٿڌ جي موسم ۾ ٻوڏ متاثرن کي اسان جي امداد جي ضرورت آهي، سرنديءَ وارا ماڻهو ۽ ادارا پنهنجو ڀرپور ڪردار جاري رکن. نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ليفٽيننٽ جنرل ظفر اقبال سيشن کي پنهنجي خط??ب ۾ ٻوڏ جي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ ڊپٽي چيئرمين اين ايف آر سي سي احسن ??قبال جي لاڳيتي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اين ايف آر سي سي جي جهنڊي هيٺان سمورا قومي ادارا، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ۽ عالمي امدادي ادارا ٻوڏ کانپوءِ بحالي ??اء?? ڀرپور تعاون ڪيو جنهن تي سندن شڪرگذار آهيون.