شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ منعقد ٿيندڙ ڪوپ – 27 سربراهه اجلاس جي م??قع?? تي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ملڪ ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ ??ڏي?? قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران يڪجهتي جي اظهار ۽ پاڪستان جي لاءِ وڏي پئماني تي تعاون جي اپيل کي ساراهيندي ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي موسميات?? تبديلي جي ڪري درپيش چئلينج جو واضح اظهار آهي. وزيراعظم موسمياتي انصاف ۽ ماحولياتي يڪجهتي جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي مطالبي جي پڻ توثيق ڪئي. وزيراعظم چيو ته پوسٽ ڊيزاسٽر نيڊز اسسمنٽ موجب ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصان جو ڪاٿو 32 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي جيڪو پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جو اٽڪل 10 سيڪڙو بڻجي ٿو، پاڪستان کي بحالي ۽ نئ??ن سر تعمير جي تمام وڏي ڪم جي لاءِ پائيدار ترقي جي ماڊل جي بنياد تي سرسبز بڻائڻ جي لاءِ خاطرخواهه عالمي تعاون جي ضرورت ??ون??ي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گذريل مهيني ??ڏي?? قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد جي منظوري جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان سمورن ترقياتي حصيدارن کي گڏ ڪرڻ جي لاءِ هڪ عالمي ”ڊونرز ڪانفرنس“ گهرائڻ جو منتظر آهي. وزيراعظم ??ڏي?? قومن پاران پاڪستان کي تجويز ڪيل ڪانفرنس ۾ هڪ ٺوس بحالي ۽ نئ??ن سر تعمير جو منصوبو تيار ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ جي لاءِ انٽر ايجنسي ٽيم جي جوڙجڪ کي پڻ ساراهيو جنهن جي قيادت ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ڪندو. وزيراعظم چيو ته موسمياتي ڪانفرنس عالمي برادري جي لاءِ هڪ وقت سر م??قع?? آهي ته اها ماحوليات?? تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ماحولياتي انصاف کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ برابر ۽ ??ڏي?? اصولن تي ٻڌل قدم کڻي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪوپ – 27 جي اجلاس ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصان ۽ تباهي کي منهن ڏيڻ هڪ اهم ”ڊيليوريبل“ هوندو. پاڪستان جي گروپ جي – 77 ۽ چين جي سربراهه هجڻ جي حيثيت سان ڪوپ – 27 اتفاق راءِ سان ”لاس اينڊ ڊميج فنانس“ تي هڪ ايجنڊا ائٽم کي شامل ڪرڻ جي تجويز سان اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سيڪريٽري جنرل جي وچ ۾ ٻطرفي ملاقات کانپوءِ ”پاڪستان پويلين“ ۾ ??ڏي?? پريس ڪانفرنس پڻ ٿي.