اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فلسطيني ??وام جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ۽ واضح حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته فلسطينين جي آزادي جي جدوجهد ان وقت تائين جاري رهندي جيستائين انهن کي خودمختياري واري حق جي استعمال جو موقعو نه ٿو ڏنو وڃي ۽ پاڪستان انهن سان گڏ جدوجهد ۾ بيٺل رهندو. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار فلسطيني ??وام سان يڪجهتي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان تاريخي طور تي فلسطينين جي جائز جدوجهد ج?? حمايت ڪندو آيو آهي ۽ ڪندو رهندو. پاڪستان عالمي سطح تي تسليم ٿيل شرطن ۽ امن معاهدي تي ڳالهين جي لاءِ فلسطيني ??ضامندي ج?? حمايت ڪري ٿو. صدر چيو ته اڄ عالمي برادري سان فلسطيني ??وام سان گڏ يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون. ساڍن ستن ڏهاڪن ۾ اسرائيل فلسطينين سان منظم ۽ وڌندڙ زيادتيون جاري رکيون، بيگناهن جو رت وهايو ويو ۽ فلسطينين جو رت وهڻ جو سلسلو اڃا تائين ناهي رڪيو. صدر چيو ته مسل??ل اسرائيلي تشدد جو تازو واقعو هن سال آگسٽ ۾ ڏٺو ويو، جڏهن غزه ۾ اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ 17 ٻارن سميت اٽڪل 50 فلسطيني مارجي ويا ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته فلسطينين جي خلاف نه رڪجڻ وارو اسرائيلي تشدد، اسرائيل جو فلسطين تي ناجائز قبضو ان تڪرا?? جي ناقابل ترديد حقيقتون آهن. اسرائيل پاران والا??يل فلسطيني ??لائقن کي ضم ڪرڻ ۽ انساني قبضي ۽ عالمي قانونن جي منافي آهي. صدر چيو ته آئون فلسطينين جي لاءِ پاڪستانين جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪريان ٿو، طاقت جي زور تي علائقي تي قبضو ٿي سگهي ٿو پر عوام جي دلين ۽ دماغ تي قبضو نه ٿو ڪري سگهجي. فلسطينين جي آزادي جي جدوجهد خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين جاري رهندي. هن چيو ته پاڪستان فلسطينين جي موقف جي مڪمل حمايت ڪري ٿو ۽ عالمي سطح تي تسليم ٿيل شرطن ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي عالمي نگراني ۾ ڌرين جي وچ ۾ هڪ مقرر ٽائيم فريم ۾ تڪرار جو حل چاهي ٿو ۽ اهو ته اهو اوڀر بيت المقدس جي فلسطيني ??ياست جي گادي واري شه?? جي طور تي مڪمل حمايت ڪري ٿو. صدر چيو ته پاڪستان تاريخي طور تي فلسطينين جي جائز جدوجهد ج?? حمايت ڪئي آهي ۽ هو اڳتي به ان ج?? حمايت ڪندو رهندو.