اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي ب??نڪ هاڻي ٻوڏ ۽ رسد جي رڪاوٽن جي روشني ۾ سماجي تحفظ، غذائي سلامتي کي هٿي ڏيڻ ۽ ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي مدد جي سلسلي ۾ پاڪستان لاءِ 1.5 ارب ڊالرن جي مالي مدد جي منظوري ڏني آهي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي ب??نڪ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چئي وئي آهي، ايشيائي ترقياتي ب??نڪ جي بلڊنگ ريزيلينس وڌ ايڪٽو ڪائونٽر سائڪليڪل ايڪسپينڊيچرز (بريس) پروگرام تحت فراهم ڪيل مدد پاڪستان حڪومت طرفان يوڪرين بحران سميت پرڏيهي شاڪس کي منهن ڏيڻ لاءِ 2.3 ارب ڊالرن جي پروگرام تي عملدرآمد ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ايشيائي ترقياتي ب??نڪ جي ڊائريڪٽر جنرل ٻڌا??و ته ڪووڊ 19 کان پاڪستان جي ب??الي ۾ پرڏيهي ج??ٽڪن سبب رڪاوٽون پيدا ٿيون، وڌندڙ ڪاروباري ۽ ذ??تي خرچ لکين پاڪستانين خاص طور غريب ۽ معاشي طور ڪمزور طبقن کي متاثر ڪيو، هن ٻڌا??و ته ايشيائي ترقياتي ب??نڪ جو پروگرام حڪومت کي بلند قيمتن جي اثرن ۽ غذئي عدم تحفظ ۾ واڌ، ڪاروباري سرگرمين ۾ سستي رويي ۽ اقتصادي طور ڪمزور گروهن جي آمدني کي گهٽ جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ سان مسئلن ۾ واڌ پڻ ٿي آهي، هن ٻڌا??و ته ايشيائي ترقياتي ب??نڪ جي فنانسنگ سان حڪومت کي ترقي??تي خرچن جي پڪيج کي لاڳو ڪرڻ لاءِ گهربل مالي جاءِ فراهم ٿيندي، جيڪا پاڪستان جي غريب خاندانن لاءِ ڊزائين ڪئي وئي آهي.