برلن – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سندس جرمن پر??يهي وزير سان ملاقات ڪافي مثبت رهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن بشمول پاڪستان ۾ ٻوڏ صورتحال، ماحولياتي پاڻڀرائپ ۾ تعاون، ماهر افرادي قوت جي مٽاسٽا ۽ تربيت، ماحول دوست توانائي ۽ اقتصادي تعاون جي فروغ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. پر??يهي آفيس موجب پر??يهي وزير چيو ته اسان خصوصي طور تي جرمن حڪومت جي فراهم ڪيل امداد جا ٿورائتا آهيون خاص طور تي اڄ جي 10 ملين يورو جي اضافي امدا?? سان جرمني پاران ڏني ويندڙ مجموعي امداد 60 ملين يورو تائين پهچ?? وئي آهي.