گڏيل قومون-21 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته پاڪستان ۾ تباهه ڪُن ٻوڏ س??ب 76 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته 1500 کان وڌيڪ فوت ۽ اتڪل 80 لک بي گهر ٿي چڪا آهن. سنڌ صوبي جو ڏاکڻو علائقو بدستور پاڻيءَ هيٺ هجڻ ڪري بحران جو شڪار آهي. ٻوڏ بعد امدادي سرگرمين ۾ مصروف گڏيل قومن جي ذيلي ادارن جي گڏيل بيان مطابق پاڪستان جي قدرتي آفت سبب متاثر علائقن ۾ جتي امدادي شين جي سخت ضرورت آهي، اتي متاثرن تائين پهچڻ به ڏُکيو آهي، خاص طور تي ڏکڻ سنڌ جتي هاڻي تائين علائقا پاڻيءَ هيٺ ٻُڏل آهن. گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ س??ب 76 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، تقريبن 80 لک بي گهر ۽ 1500 حياتيون ضايع ٿي چڪي??ن آهن، جن ۾ 552 ٻار به شامل آهن. گڏيل قومن جي ادارن مقامي اختيارين سان گڏجي امدادي ڪاررواين جو سلسلو جاري رکيو آهي، جڏهن ته ماڻهن لا??ِ مناسب مقدار ۾ خوراڪ، پناهگاهه ۽ صحت جون ضروري سهولتون دستياب ناهن. گڏيل قومن جي ٻارن جي حوالي سان اداري (يونيسيف) جي چيف آف فيلڊ آفيس بلوچستان گيريڊا بيروڪيلا بلوچستان جي حالت بيان ڪندي چيو ته هتي ٻوڏ سبب رستا ۽ پُلون پاڻيءَ جي وهڪري ۾ وهي وي??ن آهن ۽ هن وقت به ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي. هن چيو ته هاڻي ٻوڏ متاثر ماڻهن ۾ دماغي مليريا ۽ ٻيون بيماريون پکڙجي رهي??ن آهن جن جي علاج لا??ِ دوائون به دستياب ناهن. ماڻهن لا??ِ پناهگاهن جي کوٽ ۽ پائڻ لا??ِ لباس تائين ناهي، پناهگيرن جي حوالي سان گڏيل قومن جي اداري يو اين ايڇ سي آر جي ايشيا پيسفڪ لا??ِ ترجمان بابر بلوچ مطابق پاڪستان ۾ 7.6 ملين ماڻهو ٻوڏ جي نتيجي ۾ بي گهر ٿيا، جن ۾ اٽڪل 6 لک امدادي هنڌن تي ترسيل آهن. اسان جو ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 1.2 ملين امدادي شيون مقامي اختيارين تائين پهچائڻ ج?? منصوبو آهي، جنهن مان 10 لک فراهم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ملڪ جا ڪيترائي حصا خاص طور تي ڏکڻ سنڌ ۽ اوڀر بلوچستان جا علائقا پاڻيءَ هيٺ آهن. متاثر علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي سُڪڻ ۾ 6 مهينن جو عرصو لڳي سگ??ي ٿو. بابر بلوچ چيو ته پاڪستان ۾ 1.3 ملين رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي به ان صورتحال کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.