اسلا?? آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيا پيسفڪ ملڪن جي بين الپارلياماني يونين جي سيمينار جي ش??ڪت ڪندڙن کي ٻوڏ جي تازين تباهين ۽ ان جي عورتن ۽ ٻارن تي اثرن جي حو??لي سان مختصر دستاويزي پروگرام ڏيکاريو ويو. پارليامينٽ هائوس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ان دستاويزي پروگرام ۾ ٻڌايو ويو ته متاثر علائقن ۾ هن آفت سان سوين فوتگيون ٿيون آه??، متاثر علائقن ۾ 90 سيڪڙو بيٺل فصلون تباهه ٿي ويون، ٻوڏ جي ڪري وڏي انگ ۾ عورتن، بيواهن ۽ ٻارن کي مشڪلاتون درپيش آه??، 75 هزار حاملا عورتن کي هن ئي مهيني ٻارن جي پيدائش جي لاءِ سهولتن جي ضرورت آه??، ٻاهرئين امداد کانسواءِ ٻوڏ کان متاثر عورتون بحال نه ٿيون ٿي سگهن. دستاويزي پروگرام ۾ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سان 400 ٻار فوت ٿيا، 160 پليون، سوين ڪلوميٽر رستا تباهه ٿيا، متاثر معصوم ٻارن جي چهرن تي مسڪراهٽ ۽ زندگي جي رونق بحال ڪرڻ ج?? لاءِ ريسڪيو ۽ بح??لي جي ضرورت آه??.