اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جو سيڪريٽري ??نرل انتونيو گوتريس تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب متاثر پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اڄ جمعي کا?? پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجما?? پاران جاري ??يان موجب گڏيل قومن جي س??ڪريٽري ??نرل 9 کان 10 سيپٽمبر تائي?? پاڪستان جو دورو ڪندو جنهن جو مقصد سڄي ملڪ ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي ۽ قدرتي آفت جو مقابلو ڪندڙ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻو آهي، گڏيل قومن جي س??ڪريٽري ??نرل انتونيو گوتريس دوري ??ورا?? پاڪستاني قيادت ۽ اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪندو جنهن ۾ هو موسمياتي تبديلي سبب ٿيندڙ تباهي جي قومي ۽ عالمي رد عمل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، سيڪريٽري ??نرل موسمياتي تباهي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن جو دورو به ڪندو جتي هو بي گهر خاندانن ۽ متاثر علائقن ۾ شروعاتي بچاءُ ۽ امدادي ڪارروايون ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو، ترجمان موجب گڏيل قومن جو سيڪريٽري ??نرل لکين متاثر ماڻهن لاءِ حڪومت جي بچاءُ ۽ امدادي ڪوششن جي حمايت ۾ گڏيل قومن جي انساني امدادي ڪم جي نگراني ڪندو. گڏيل قومن جي س??ڪريٽري ??نرل جو دورو ان قدرتي آفت جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي جي باري ۾ عالمي بيدا??ي کي وڌيڪ هٿي وٺرائيندو. گڏيل قومن جي س??ڪريٽري ??نرل جو اهو دورو 33 ملين متاثر پاڪستانين جي انساني ۽ ٻين ضرورتن لاءِ هم آهنگ ۽ جامع عالمي رد عمل کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. گڏيل قومن جي س??ڪريٽري ??نرل پاڪستان جي فلڊ ريسپانس پلان جي فنڊنگ لاءِ 160 ملين آمريڪي ڊالرن جي گڏيل قومن جي ”فليش اپيل“ جي 30 آگسٽ تي اسلام آباد ۽ جنيوا ۾ هڪ ئي وقت منعقد ٿيندڙ لانچنگ تقريب ۾ هڪ طاقتور وڊيو پيغام ۾ فعال طور تي حمايت ڪئي، گڏيل قومن جي س??ڪريٽري ??نرل مسلسل اهڙي طرح جي آفتن کي موسمياتي تبديلي جي اثرن سان جوڙڻ تي زور ڏيندو رهيو آهي ۽ هو عالمي براد??ي کي خبردار ڪندو رهيو آهي ته جيڪڏهن موسمياتي تبديلين کي وقت سر ۽ موثر طريقي سان حل نه ڪيو ويو ته ان سان اسان جا سيارا سنگين خطرن جي ور چڙهيل هوندا، گڏيل قومن جي س??ڪريٽري ??نرل جو پاڪستان جو دورو ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۽ مستقبل ۾ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي پائيدار عالمي حمايت جي اهميت کي به اجاگر ڪندو.