اسلام آباد ??? 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سکر روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سنڌ جي صوبي سکر، روهڙي، خيرپور، ڪوٽڏيجي ۽ ٺري ميرواهه جي ٻوڏ متاثر علائق?? جو فضائي دورو ڪندو. سکر جي ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي جا نمائندا وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ ک??يل قدمن بابت بريفنگ ڏيندا. وزيراعظم امدادي ڪم?? جو جائزو وٺڻ ۽ ٻوڏ متاثري?? جو احوال ڄاڻڻ لاءِ انهن سان ملاقات ڪندو. بعد ۾ سنڌ جو چيف سيڪريٽري ۽ چيف انجنيئر سکر بئراج ٻوڏ جي تباهي بابت وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندا.