اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته پاڪستان علائقائي ترقي، واپار، توانائي ۽ معيشت جي استحڪام ل??ءِ قطر سان ترجيح بنيادن تي حصيداري چاهي ٿو، تعليم جي شعبي ۾ 10 لک ??اڪستاني ٻارن کي تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ تي قطري حڪومت جا ٿورائتا آهيون.
اسپيڪر سان قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن الفيصل الثاني پارليامينٽ هائوس ۾ ملا??ات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته پاڪستان ڀائ?? اسلامي ملڪ قطر سان پارلياماني رابطن ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ پارلياماني وفدن ج?? مٽاسٽا سان هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪري سگهون ٿا، قطر جي سفير چيو ته قطر پاڪستان سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، قطر پاڪستان سان سماجي ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون ج?? خواهشمند آهي، قطر 10 لک ??ارن کي تعليمي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ پاڪستان ج?? مدد ڪندو، هن چيو ته قطري فرمز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا، پاڪستان ۾ اقتصادي ترقي جي ل??ءِ قطر هر ممڪن تعاون جاري رکندو، قطر ۾ رهندڙ پرڏيهي پاڪستاني قطر جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردارا دا ڪري رهيا آهن