اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) سپريم ڪورٽ قومي اسيمبلي جي ڊ??ٽي اسپيڪر جي رولنگ کي آئين جي خلاف قر??ر ڏيندي ڪالعدم قر??ر ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجز بينچ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، سپريم ڪورٽ قر??ر ڏنو آهي ته 3 اپريل 2022ع تي ڏنل ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي رولنگ آئين جي منافي آهي، قومي اسيمبلي ٽوڙڻ به قانون جي خلاف هو، قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ غير آئيني هو، قومي اسيمبلي 3 اپريل 2022ع جي پوزيشن تي بحال ڪئي وڃ?? ٿي، نگران حڪومت جي قيام لاءِ ڏنل سمورا حڪم ڪالعدم قر??ر ڏنا وڃن ٿا، سپريم ڪورٽ قر??ر ڏنو آهي ته ٻيهر اليڪشن جي حوالي سان صدر جو حڪم به ڪالعدم قر??ر ڏنو وڃي ٿو، سپريم ڪورٽ قر??ر ڏنو آهي ته وزيراعظم اسيمبلي تحليل ڪرڻ جي اهل نه هو، وزيراعظم، صدر کي ايڊوائيز نٿو ڏئي سگهي، وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا عهدن تي بحال ٿي چڪا آهن، اسپيڪر قومي اسيمبلي جو 9 اپريل ڇ??ڇر تي ساڍا 10 وڳي اجلاس گهرائي، وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ٿيندي، حڪومت ڪ??هن ميمبر جي اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيڻ ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي، ڪ??هن به قومي اسيمبلي ميمبر کي ووٽ وجهڻ کان نٿو روڪي سگهجي، ت??هن هوندي به پارٽي کان باغين تي آرٽيڪل 63 اي لاڳو ٿيندو. سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس اڪلائيندي قر??ر ڏنو آهي ته اسپيڪر ڇنڇر تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي، بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿئي ته فوري نئين وزيراعظم جي چونڊ ڪئي وڃي، لکت وارو حڪم نامي بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.