ماسڪو – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي روس جي ٻن ??ين??ن جي سرڪاري دوري تي ماسڪو پهچي ويو. وزيراعظم عمران خان جو ايئرپورٽ تي اچڻ تي روس جي نائب پرڏيهي وزير ايگور مور گولٽو استقبال ڪيو. وزيراعظم عمران خان کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين?? اسد عمر، حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي وارو صلاحڪار معيد يوسف ۽ عامر محمود ڪياني ??زيراعظم سان گڏ آه??. روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي وزيراعظم عمران خان روس جو ٻن ??ين??ن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آه??. وزيراعظم عمران خان ٻن ڏهاڪن کانپوءِ پهريون پاڪستاني ??زيراعظم آه?? جيڪو روس جو دورو ڪري رهيو آه??. روس جي صدر پيوٽن ۽ وزيراعظم جي ملاقات ان دوري جو اهم ترين جز هوندو. صدر پيوٽن سان ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان عالمي ۽ خطي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ملاقات ۾ روس پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي توانائي شعبي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسلامو ف??بي?? ۽ افغانستان جي صورتحال پڻ غور هيٺ آندي ويندي. وزيراعظم ماسڪو ۾ روس جي سڀ کان وڏي مسجد اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪندو. وزيراعظم عمران خان سان اهم روسي قيادت بشمول نائب وزيراعظم، روسي سيڙپڪار ۽ واپاري ملاقات ڪندا. وزيراعظم جو دورو روس ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو.