اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته خصوصي اقتصادي زونز (SEZs) ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري جي ذريعي تيزي سان صنعتڪاري لا??ِ ترغيب حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ملڪ ۾ وڌ کان وڌ سڌي سنئين غير ملڪي سيڙپڪاري متوجهه ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، ايس ايم اي سيڪٽر جا سمورا التوا ۾ پيل مسئلن کي فوري حل ڪيو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم جي ترجيحي شع??ي جي ترقي جي جائزي تحت ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن (SMEs) لا??ِ خصوصي اقتصادي زونز جي سهولتڪاري ماڊل ۽ ريگولٽري گيلوٽين بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ وڌ کان وڌ سڌي سنئين غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سيڙپڪاري بورڊ پاران نشاندهي ڪيل 167 سڌارن مان 112 کي لاڳو ڪيو وي?? آهي ته جيئن خصوصي اقتصادي زونز ۾ سمورن امڪاني سيڙپڪارن جي لا??ِ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي يقيني بڻائي سگهجي. باقي 55 سڌارن جون به هڪ مهيني اندر ضروري ريگوليٽري منظوريون ٿي وينديون. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ جي سمورن چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ۽ واپاري تنظيمن سيڙپڪارن جي سهولت جي لا??ِ حڪومت پاران ڪيل شاندار سڌارن تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪي?? آهي، هن خاص طور تي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آ?? پاڪستان پاران ڪمپني رجسٽريشن جي عمل ۾ آساني ۽ ان سلسلي ۾ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي مجوزه آسان ڪاروبار پورٽل قدمن جو ذڪر ڪيو، انهي تاريخي قدمن جي ڪري پاڪستان جي تازو ئي بزنس ڪنفيڊنس انڊيڪس ۾ 37 سيڪڙو بهتر ٿي آهي، وزيراعظم اسٽيٽ بئنڪ آ?? پاڪستان، فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۽ ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي آ?? پاڪستان (ڊريپ) سميت سمورن ريگوليٽري اٿارٽيز کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي لاڳاپيل ريگوليٽري فريم ورڪس کي بهتر ڪن ته جيئن سيڙپڪارن جا مسئلا هڪ ئي جاءِ تي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ حل ٿي سگهن ڇو ته سيڙپڪاري جا فيصلا ڪرڻ ۾ وقت سڀ کان اهم عنصر آهي، وزيراعظم کيس ملڪ ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن (ايس ايم ايز) جي شع??ي جي ترقي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي جنهن جو ملڪ جي ڪل برآمدات ۾ تقريبن 25 سيڪڙو جو حص?? آهي، هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو ايس ايم اي سيڪٽر جي سمورن التوا ۾ پيل مسئلن کي فوري طور تي حل ڪن جنهن ۾ ايڪسپورٽ ري فنانسنگ جي سهولت، مقامي ٽيڪسز ۽ ليويز (ڊي ايل ٽي ايل) تي ڊيوٽي ڊرابيڪ جي ادائيگي ۽ ان جي ليڪويڊيٽي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ جي لا??ِ بئنڪن کان فنانسنگ شامل آهن، هن هدايت ڪئي ته سمورن وڏن شع??ن خاص طور تي ٽيڪسٽائيل ۽ ايس ايم اي جي لا??ِ 5 سالا برآمدي پاليسيون جاري ڪيون وڃن، وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن جي ترقياتي اداري (سميڊا) جي بورڊ کي بهتر بڻايو پيو وڃي ۽ معيشت جي ان اهم شع??ي جي ترقي لا??ِ 30 اربر وپين جو سميڊا فنڊ قائم ڪيو پيو وڃي، اجلاس ۾ وفاقي وزير حماد اظهر، ناڻي واري وزير شوڪت ترين، وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، قانون واري وزير فروغ نسيم، وفاقي وزير اسد عمر، واپار واري صلاحڪار عبدارزاق دائود، وزيراعظم جي خاص مددگار شهباز گل، سي پيڪ واري خاص مددگار خالد منصور، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين اظفر حسن، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، ايف بي آر چيئرمين ڊاڪٽر محمد اشفاق احمد ۽ ٻين لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته صوبائي چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.