اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم جو چين جو دورو اسان جي ا??يدن کان به وڌيڪ ڪامياب رهيو، سرمائي ا??لمپڪس تقريب ۾ مختصر پاڪستاني دستي جو چيني عوام جهڙي طر?? استقبال ڪيو ان جو مثال نه ٿو ملي، چين ۽ پاڪستان هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل هئا ۽ بيٺل رهندا، والاريل ڪشمير جي حوالي سان چين ۽ پاڪستان جي سوچ ۾ هڪ جهڙائي آهي، مارچ جي آخري هفتي ۾ چين جو دورو ڪندس، بيجنگ ۾ افغانستان جي سمورن پاڙيسري ملڪن جو اهم اجلاس ٿيندو. وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جي حوالي سان وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي چين جي صدر شي جن پنگ سان تفصيلي ملاقات ٿي، جڏهن ته ملاقات ۾ گڏيل لاڳاپن ۽ سي پيڪ منصوبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته صدر شي جن پنگ سان ايتري ٺوس ۽ تفصيلي ملاقات اڳ ۾ ناهي ٿي. وزيراعظم عمران خان جون ن??لي??ارين چيني ڪمپنين سان 18 کان 20 ملاقاتون ٿيون. پرڏيهي وزير چيو ته پنهنجي چيني هم منصب وانگ يي س??ن ملاقات ۾ طئي ٿيو ته افغان صورتحال جي حوالي س??ن مارچ جي آخري هفتي ۾ چين جو دورو ڪندس، افغ??ن معاملي تي حڪمت عملي طئي ڪرڻ جي لاءِ بيجنگ ۾ افغانستان جي سمورن ويجهي پاڙيسري ملڪن جو به اهم اجلاس ٿيندو. شاهه محمود قريشي چيو ته چين افغانستان ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو آهي، ان کانسواءِ چين، ??اڪستان ۽ افغانستان جي ٽه ڌريي گروپ کي ٻيهر فعال ڪنداسين. پرڏيهي وزير چيو ته مودي جي حڪومت جي دور ۾ مسلمانن سميت ڀارتي ا??ليتن تي ظلم ڪيا پيا وڃن، ڀارت ۾ مسلمانن سميت سمورن اقليتن سان ٿيندڙ اڻوڻندڙ سلوڪ تي سخت ڳڻتي آهي، اتي ا??ساني حقن کي پائمال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته والاريل ڪشمير تي چين پاڪستان جي موقف جي مڪمل حمايت کي ورجايو آهي، والاريل ڪشمير جي حوالي سان چين ۽ پاڪستان جي سوچ ۾ هڪ جهڙائي آهي. هن چيو ته چين جي قيادت سان اقتصادي تعاون جي وڌيڪ فروغ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم عمران خان چين جي ن??لي??ارين ٿنڪ ٽينڪس ۾ پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستاني دستي جو اسٽيڊيم اچڻ تي چيني عوام جهڙي طر?? استقبال ڪيو ان جو مثال نه ٿو ملي، فيصلو ٿيو آهي ته ڪامياب چين جي دوري جي نتيجن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فالو اپ مڪينزم بڻايو ويندو.