اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) ايوان صدر جي ??امع مسجد مان اخلاق جي ??عمير جي موضوع تي جمعي جو خطبو معمول موجب سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز جمعي جو خطبو ڏنو. هن چيو ته زندگي جي هر رخ جي لحاظ کان حضور اڪرم ﷺ جي ??ندگي مبارڪ ۽ تعليمات اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن، بهترين اخلاق معاشري جو حسن هوندو آهي جنهن معاشري ۾ رويي ۽ هڪ ٻئي سان سلوڪ بهتر هجي ??هو ئي معاشرو دنيا ۾ عزت ۽ وقار جو مقام حاصل ڪري سگهي ٿو، ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته اسلام جي ??اريخ اخلاق حسنه جي مثالن سان ڀري پئي آهي، هن هجرت حبثه جو تاريخي حوالو ڏنو ۽ چيو ته مسلمان پناهگيرن جي ??خلاق جي ڪري اتي ان لاءِ عزت، احترام ?? همدردي جا جذبا پيدا ٿيا آهن، اسلام جي ڇپجڻ جي ??اريخ ??ن ڳالهه جو ثبوت آهي ته مسلمان ديانت، امانت، سچائي، تعاون ، ايثار ۽ انساني احترام جي ??وين کي فروغ ڏنو، هن عيبن جي پرده پوشي ڪرڻ ۽ ٻين کي خراب نالن سان پڪارڻ جي مخالف جي ??اري ۾ اسلامي تعليمات تي روشني وڌي. هن بدگمانين سان گڏوگڏ غيبت کان بچڻ جي ??لقين ڪئي ۽ چيو ته ان حوالي سان دين اسلام ?? واضح هدايتون آهن، ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته اخلاق حسنه رکندڙ معاشرو جوڙي اسان پاڪستان کي هڪ خوشحال ۽ باوقار ملڪ بڻائي سگهون ٿا، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي ??لامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي، واضح رهي ته صدر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي ??هنمائي لاءِ ايوان صدر جي ??امع مسجد مان جمعي جو خطبو ??ڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.