اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ مضبوط ??قامي حڪومت جو واعدو صرف عمران خان پورو ڪيو، ٻيو ڀيرو خيبرپختونخوا ۾ شفاف ۽ غير جانبداراڻيون چونڊون ڪرا??ون?? عمران خان واحد اڳواڻ آهي جيڪو پنهنجي سياسي مفادن کي پاسي تي رکي ملڪ ۽ عوام لاءِ سوچيندو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته خيبرپختونخوا جون چونڊون ٻن حوالن سان اهم آهن، پهريون اهو ته پهريون ڀيرو تعلقي جي سطح تي سڌو سنئون ووٽ سان چونڊيل نمائندن کي اختيار منتقل ٿي رهيا آهن، م??بوط ??قامي حڪومت جو واعدو صرف عمران خان پورو ڪيو ۽ ٻيو ڀيرو حڪومت شفاف ۽ غير جانبداراڻي چونڊون ڪرا??ون?? هن چيو ته صرف عمران خان اهو اڳواڻ آهي جيڪو پنهنجي سياسي مفادن کي پاسي تي رکي ملڪ ۽ عوام لاءِ سوچيندا آهن، ٻي صورت ۾ ڪيترو آسان آهي وڏي وزير جي صورت ۾ هڪ ڊڪٽيٽر رکو ۽ ڪم هلايو، جيڪا پ پ پ ۽ نون ليگ جي روايت ره?? آهي، سنڌ جا ماڻهو اڄ به ان رويي جو شڪار آهن، هاڻي پنجاب ۾ به بااختيار نظام قائم ٿيڻ وڃي رهيو آهي.