اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ضلعي ۽ تعلقي جي سط?? تي مارڪيٽ ڪميٽين کي وڌيڪ موثر بڻائي عام ماڻهو کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. اها هدايت هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪ ۾ گڊ گورننس بابت اجلاس ۾ ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته عالمي منڊي ۾ مهانگائي جي تازي رجحان جي ??ري پاڪستان ۾ هن وقت مهانگائي جا اثر پئجي رهيا آهن، اسان گڊ گورننس ۽ بهتر پرائس ڪنٽرول مڪينزم جي ذريعي ضرورت جي شين جي قيمتن جي موثر نگراني کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سخت محنت ??ري رهيا آهيون، ان مقصد جي لاءِ سپلائي چين تي مناسب ڪنٽرول، قيمتن جو موثر نفاذ ۽ ذخيره اندوزي تي سخت چيڪ کي وڌيڪ موثر بڻايو ??يو ??ڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ضلعي ۽ تعلقي سط?? تي مارڪيٽ ڪميٽين کي وڌيڪ موثر بڻائي عام ماڻهو کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻن. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان کي ٻڌايو ??يو ته پي ٽي آءِ جي گڊ گورننس ٽيم پاران راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ڪاميابي سان پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪيو ??يو جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت جي جاري ڪيل اگهن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي ذريعي ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي آئي آهي. وزيراعظم کي اهو به ٻڌايو ??يو ته ضلعي ۽ تعلقي جي سط?? تي قيمتن جي نگراني جي مضبوط مڪينزم جي نئين سر جوڙجڪ جي لاءِ غيرموثر مارڪيٽ ڪميٽين بابت حاصل ڪيل منع نامن کي جلد کان جلد ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت فياض ترين، سينيٽر سيف الله نيازي ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا.