اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) سينيٽ ??يئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته عالمي برادري فلسطين مسئلي جي جامع ۽ منصفاڻي حل لاءِ قدم کڻي، فلسطين مسئلي جو حل خطي ۽ دنيا جي مفاد ۾ آهي. سينيٽ ??يئرمين سينيٽرز جي وفد سان فلسطين جي سفارتخاني ويو ۽ فلسطين جي عو??م سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. سينيٽ ??يئرمين چيو ته خالي هٿين فلسطينن تي قابض اسرائيلي فورسز جي جارحيت جي شديد مذمت ڪريون ٿا، معص??م فلسطينن تي اسرائيلي فورسز جا حملا، غير قانوني آبادي ڪاري ۽ قبضو، فلسطينين جي زبردستي بي دخلي انساني حق?? ۽ عالمي قانون ج?? سنگين خلاف ورزي آهي. سينيٽ ??يئرمين چيو ته فلسطين جو مسئلو وچ اوڀر جي مسئلن جي جڙ آهي، فلسين جي مسئلي جو حل سڄي دنيا ۽ خاص طور تي خطي جي امن لاءِ اڻٽر آهي، انساني حق?? جي علمبردار تنظيمون ۽ گڏيل قومن جي سلاتي ڪائونسل فلسطين جي مسئلي ک?? سنجيده وٺندي جلد کان جلد بهتري لاءِ قدم کڻن. هن چيو ته عالمي برادري جيترو جلد ٿي سگهي فلسطين مسئلي جي جامع ۽ منصفاڻي حل لاءِ قدم کڻي. فلسطين مسئلي جو حل فلسطينن، خطي ۽ دنيا جي مفاد ۾ آهي، هن چيو ته اسان اڄوڪي ڏينهن فلسطيني ڀائرن کي اهو پيغام ڏيون ٿا ته آزمائش جي هر گهڙي ۾ پوري پاڪستاني قوم انهن سان گڏ بيٺل آهي، پوري ملڪ ۾ يوم يڪجهتي فلسطين ڀرپور طريقي سان ملهايو پيو وڃي.