چڪدره – 19 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته مل?? جي ڏيوالپڻي سان تمام گهڻي مهانگائي ۽ روپئي جو مُلهه گهڻو ڪري پوي ٿو، دوست ملڪن مدد ڪري ڏيوالپڻي کان بچايو، گذريل 30 سالن دوران ملڪ جو پسئو چوري ڪيو ويو، مسلم ليگ (ن) پنهنجي پهرئين اڍائي سالن ۾ قرضن تي وياج جي مد ۾ 3 هزار روپيا جڏهن ته اسان 6.2 ٽريلين روپيا ادا ڪيا آهن، مسلم ليگ (ن) وياج سمڪيت قرض جي ادائيگي جي مد ۾ 20 هزار ارب روپيا 7 اسان 35 هزار ارب روپيا واپس ڪيا آهن، سنڌ حڪومت بنڊل آئي لينڊ جزيري ۾ سيڙپڪاري جي اجازت نه ڏئي رهي آهي، مشڪل حالتن مان اسان نڪري آيا آهيون، سياح?? جي شعبو ترقي ڪندو ته روزگار جا موقعا وڌندا، ٽيڪنالاجي ۽ فني تعليم جي وڏي اهيمت آهي، اهڙا منصوبا لڳائي رهيا آهيون جنهن سان ملڪي دولت وڌندي، ڪو ملڪ صنعتي شعبي جي فروغ کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي، زرعي شعبي جي ترقي لاءِ ايندڙ هفتي نئين پاليسي آڻينداسين. اهڙن خيالن جو اطهار هن يونيورسٽي آف مالاڪنڊ جي نئين بلا?? جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته دنيا جون سموريون يونيورسٽيون ڏسي چڪ?? آهيان، نمل يونيورسٽي پاڪستان جي آڪسفورڊ يونيورسٽي بڻجندي. القادر يونيورسٽي جي به سيپٽمبر ۾ به تڪميل ٿي ويندي، دنيا جي وڏن وڏن اسڪالرن کي ان جي بورڊ ۾ شامل ڪيو وي?? آهي، ڪوشش آهي ته قوم کي هڪ اهڙي پڙهيل لکيل قيادت فراهم ڪئي وڃي ته جئين اسان کي پت?? پئجي سگهي ته دنيا ۾ اسان جي اچڻ جو مقصد ڪهڙ?? آهي. هن چيو ته انسان اشرف المخلوقات آهي، انسان کي دنيا ۾ پنهنجي اچڻ جو مقصد سمجهڻو پوندو، صرف پنهنجي لاءِ انسان جي زندگي جو مقصد نه آهي، پئسو خوشي نٿو ڏي، خوشي ان وقت ملي ٿي جڏ??ن انسان سڌي رستي تي هلند?? آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ به ارب پت?? ماڻهو موجود آهن ۽ کين ان جو پت?? ئي ناهي ته انهن وٽ ڪيتري دولت آهي، 30 سال ملڪ جو پئسو چوري ڪيو ويو، اهڙي پئسي جو ڪهڙو فائدو جڏ??ن انسان پاڻ به ڪوڙ ڳالهائي ۽ سندس ٻار به ڪوڙ ڳالهائيندا هجن، ڪڏ??ن اسپتال ۽ ڪڏهن جيل وڃي رهيا هجن، اهو اسان جي لاءِ عبرت جو مقام آهي، مسلمان دنيا جي وڏي طاقتن کي پنهنجي ڪردار جي زور تي شڪست ڏني هئي.