اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خبردار ڪيو آهي ته بين الافغان ڳالهين ۾ وڌيڪ مشڪلاتون اچي سگهن ٿيون جڏهن ته ان جي ??اءِ سمورين ڌرين کي صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ??رڻو پوندو، ڳالهين واري عمل ۾ سستي ۽ ڏکيائي به اچي سگهي ٿي، ايستائين جو ڪڏهن ڪڏهن ڊيڊ لاڪ به پيدا ٿي سگهي ٿو، ڇو ته افغان پنهنجي ??ستقبل جي ??اءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، اهڙن موقعن تي ا??ان پنهنجو ڪردار ادا ڪندي انهن کي ياد ڏياريندا رهنداسين ته ڳالهين جي ??يز تي بنا ڪنهن رتوڇاڻ جي ڊيڊ لاڪ جنگ جي ??يدان جي رتوڇاڻ واري حل کان ڪيترائي ڀيرا بهتر آهي. وزيراعظم عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار واشنگٽن پوسٽ جي تازي شماري ۾ هڪ آرٽيڪل ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته سمورين ڌرين کي جن افغان امن عمل ۾ پنهنجو حصو وڌو آهي انهن کي غيرحقيقت پسنداڻي طور تي مدو مقرر ڪرڻ جي خرابين کي ختم ڪرڻ جي ??اءِ پنهنجو عمل دخل استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته افغانستان مان عالمي دنيا جو جلدبازي ۾ انخلا غيردانشمنداڻو هوندو. آرٽيڪل ۾ وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ا??ان کي انهن علائقائي عنصرن ک??ن به بچڻو پوندو جن جي امن عمل ۾ سيڙپڪاري نه آهي ۽ اهي پنهنجي جاگرافيائي مفادن جي ??اءِ افغانستان ۾ ??دم بدامني ڏسڻ چاهين ٿا.