اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اطلاعات ۽ نشريات واري و??ارت کي هدايتون ڏنيون آهن ته ميڊيا کي صنعت جو درجو ڏيڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت جلد مڪمل ڪئي وڃي، ميڊيا کي صنعت جو درجو ملڻ کانپوءِ ٽيڪس رليف سميت هر سطح تي آسانيون ۽ مراعتون ملي سگهنديون، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ميڊيا کي صنعت جو درجو ڏنو ويو آهي، ڪميٽي ايوان ۾ حذف ٿيل سينيٽر نعمان وزير جي ل??ظن جي خبر ش??يع ڪرڻ تي جنگ ميڊيا گروپ کي و??احت پيش ڪرڻ جي لاءِ آخري مهلت ڏئي ڇڏي آهي، پيمرا کي هدايت ڪئي ته سياسي قيادت جي ڪردار ڪشي ۽ جعلي خبرن جي حوالي سان هيستائين ڪيل ڪارروائي بابت تفص??لي رپورٽ ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪئي وڃي، سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو سيڪريٽري اڪبر حسين دراني، پي آءِ او شاهيرا شاهد سميت اطلاعات ۽ نشريات واري و??ارت جي ذ??لي ادارن جا عملدار به موجود هئا.