اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قوم پنهنجي جانين جي قرباني ڏيندڙ هيلٿ پروفيشنلز جي ٿورا??تي آهي، اهي اس??ن جا هيرو آهن، انهن جي خدمتن جي اعتراف جو هڪ طريقو اهو به آهي ته اسان ايس او پيز تي عمل ڪريون، ماسڪ پايون، هٿ ڌوئون ۽ هر جڳهه سماجي فاصلو رکون. خيبرپختونخوا ?? ڪووڊ – 19 سبب ڊاڪٽر اورنگزيب ۽ ڊاڪٽر محمد اعظم خ??ن جي لاڏاڻي تي تعزيت ۽ پوئينرن سا?? افسوس جو اظهار ڪندي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪووڊ 19 سبب اسان ايوان صدر ۾ اهڙين تقريبن کي ياد ڪندا آهيون جنهن ۾ يتيم، ٿيليسيميا کان متاثر ٻار ۽ انهي طرح معاشري جي ٻين نظرانداز ڪيل طبقي کي دعوت ڏيندا آهيون.